اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو ڏيڻ جو چئي ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تحليل ٿيل قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض احمد کي خط ??کي?? آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 224 هڪ اي تحت صدر وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشوري سان نگران وزيراعظم جي م??رر?? ڪري ٿو، آئين تحت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي قومي اسيمبلي جي تحليل جي 3 ڏينهن جي اندر نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪرڻو هوندو آهي. صدر چ??و ته مون وزيراعظم جي ايڊوائيس منظور ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي تحليل ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ 12 آگسٽ تائين موزون نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪن.