اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته چئلينجن مان نڪرڻ جي لاءِ صرف تعليم ئي واحد رستو آهي، ملڪ ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن کي به خط لکيا ويندا، اسان جو هڪ ئي مقصد ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي تعليمي بورڊ جي ??هتمام هيٺ يارهين، ٻارهين جي ??الياني امت??ان 2023ع جي نتيجن جي ??علان وقت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته اسان موجوده چئلينجن مان نڪرڻ جي لاءِ صرف تعليم جو ئي رستو اختيار ڪري سگهون ٿا، اسان وٽ مختصر وقت آهي پر اسان پنهنجون ڪوششون ڪنداسي?? ته جيئن بهتري آڻي سگهون ۽ ان سلسلي ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن کي خط لکيا ويندا. هن ان موقعي تي وفاقي تعليمي بورڊ جي ??ملدارن پاران نتيجا جوڙڻ جي ڪم کي ساراهيو ۽ کين مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اسان جو مقصد صرف ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. مدد علي سنڌي چيو ته ڏهاڙي وارن استادن کي گهرائي انهن جا مسئلا ٻڌا آهن، جلد ڪو حل ڪڍنداسين.