اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، نقصان ۾ ويندڙ سرڪاري ڪارپوريشنز جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي تيز تر ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪاري ڊويزن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگ??ان وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگ??ان وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري، هوابازي واري وفاقي سيڪريٽري، نجڪاري واري وفاقي سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم کي فيدرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪاري ڊويزن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگ??ان وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو حڪومتي مشينري جو اهم حصو آهي. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس سڌارن جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪن. هن ٽيڪس ڊاڪومينٽيشن جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ رابطو بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگ??ان وزيراعظم چيو ته اهڙيون سرڪاري ڪارپوريشنز جيڪي نقصان ۾ وڃي رهيون آهن انهن جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي تيز تر ڪيو وڃي ۽ سموريون وفاقي وزارتون نجڪاري ڊويزن سان مڪمل تعاون ڪن. اجلاس کي ايف بي آر عملدارن پا??ان ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر حڪومت پا??ان ڏني ويندڙ 9415 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف پورو ڪرڻ جي حوالي سان پرعزم آهي، جولاءِ 2023ع جي 534 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 538 ارب جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون جڏه?? ته آگسٽ 2023ع جي 648 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 669 ارب رپين جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح وڌائڻ جي حوالي سان ڊيجيٽل قدمن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي لاءِ ايف بي??ر جي ڊيٽابيس کي باقي ادارن سان ڳنڍيو پيو وڃي، ايف بي آر 10 لک نئين ٽي??س ڏيندرن کي سسٽم ۾ آڻڻ جي هدف تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هلندڙ سال هڪ لک 82 هزار نوان ٽي??س ڏيندڙ سسٽم ۾ شامل ٿيا آهن، پوائنٽ آف سيلز جو دائرو وڌيڪ شهرن ۽ ريٽيلرز تائين ترجيحي بنيادن تي وڌايو پيو وڃي، هن سال 20 هزار ريٽيلرز پي او ايس ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم تي پڻ حڪمت عملي ٺاهي پئي وڃي، ڪسٽمز ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جاري آهي ۽ پاڪستان سنگل ونڊو کي وڌيڪ سرڪاري دارن سان ڳنڍيو پيو وڃي. اجلاس کي نجڪاري ڊويزن پا??ان ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن، نجڪاري ڊويزن سرڪاري ڪارپوريشنز جي ڪارڪردگي ۽ سروس ڊيليوري جي بهتري ۽ ان حوالي سان نجي شعبي جي صلاحيتن جي استعمال ڪرڻ جي لاءِ مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.