اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي 12 س??ڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي، معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قومي صنعتي پاليسي ج??د کان جلد جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ کي هڪ اجلاس ۾ واپار واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران سندن ڪارڪردگي ۽ هدفن با??ت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته عالمي منڊين خاص طور تي وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي حصيداري روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي جو حصو هوندو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم واپار واري وزارت کي ڪاروباري برادري ۽ لاجسٽڪس ڪمپنين جي لاءِ عالمي واپاري چرپر جي نظام با??ت آگاهي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان جي ٻاهرئين ملڪ مقرر آفيسرن جي واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي سرگرمين با??ت آگاهه ڪيو و??و. نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل حصيدارن سانجاري مشاورت با??ت آگاهه ڪيو و??و. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ کي واپاري چرپر ۽ ٽرانس شپمنٽ جو مرڪز بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي موجوده 12 س??ڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قومي صنعتي پاليسي ج??د کان جلد جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نگران وزيراعظم خساري ۾ رهندڙ قومي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم کي موبائيل فونز جي مقامي تياري جي تازي پاليسي با??ت پڻ آگاهه ڪيو و??و، ملڪ ۾ ايندڙ ٻن سالن ۾ 40 لک هينڊ سيٽ ٺاهي سگهبا جنهن سان درآمدي بل ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي قيمتي پٿرن ۽ معدنيات جي روانگي واپار کي منظم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو و??و، ان سيڪٽر سان ايندڙ ٻن سالن ۾ 2 ارب ڊالر جو روانگي واپار ممڪن ٿي سگهندو. نگران وزيراعظم جيمسٽون جي روانگي واپار جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪاريگرن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي لاڳاپيل هنر سيکارڻ جي لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ ملڪ ۾ اي ڪامرس جي فروغ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ويئر هائوسنگ جي استعمال تي زور ڏنو.