نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ پهچي ويو. جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير منير ??ڪرم، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ قونصلر جنرل عامر احمد اتوزئي ۽ ٻين عملدارن سندس استقبال ڪيو. نگران و??ير??عظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. اجلاس ۾ اٽڪل 150 عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا. نگران و??ير??عظم 22 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندڙ پهريون پاڪستاني نگران و??ير??عظم هوندو. 19 کان 26 سيپٽمبر تائين ٿيندڙ اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي اڱڻ ۽ ان جي ڀرپاسي وڏي پئماني تي حفاظتي قدم کنيا ويا آهن. اميد آهي ته پنهنجي خطاب ۾ نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي تڪرار سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عوامي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هو پنهنجي نگران انتظاميا پاران ملڪ جي معاشي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن بابت پڻ تفصيل سان روشني وجهندو. ان کانسواء?? نگران و??ير??عظم مختلف ملڪن جي هم منصبن، عالمي تنظيمن جي سربراهن، فلاحي تنظيمن ۽ ڪارپوريٽ ??ڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. نگران پرڏيهي وزير ??ليل عباس جيلاني اڳ ۾ ئي نيويارڪ پهچي چڪو آهي. نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ پهريون نگران و??ير??عظم هوندو. گذريل هفتي نيويارڪ ۾ هڪ نيوز بريفنگ ۾ پاڪستان جي سفير منير ??ڪرم چيو ته نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سفير منير ??ڪرم چيو ته نگران و??ير??عظم ايس ڊي جيز جي لاءِ فنانسنگ کي متحرڪ ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو. پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته نگران و??ير??عظم ترقي جي لاءِ مالي مدد بابت هڪ ٻئي سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب پڻ ڪندو جتي هو ترقي جي لاءِ نجي شعبي جي ماليات کي متحرڪ ڪرڻ بابت ڳالهه ڪندو. ڀارتي و??ير??عظم نريندر مودي هن سال جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس پاران ڀارت جو پرڏيهي وزير ??يس جي شنڪر 26 سيپٽمبر تي اسيمبلي کي خطاب ڪندو.