نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جو قتل اولهه جي لاءِ جهٽڪو آهي، هاڻي انهن جون اکيون کليون آهن، پاڪستان ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو شڪار آهي، ڀارت ۾ اقليتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اهڙي رويي کي روڪڻ جي لاءِ اتحاد ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڪشميري?? جي نسل ڪشيءَ سان انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، ذخيره اندوزن ۽ ڊالر مافيا جي خلاف ڪارروائي جي نتيجي ۾ کنڊ ۽ غذائي جنس?? جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، حڪومتي پاليسي?? جي ڪري ٻاهريان سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آهن، اميد آهي اليڪشن ڪميشن چونڊ?? جي تاريخ جو اعلان جلد ڪندي، چونڊن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا ۽ قانو?? جي خلاف ورزي ڪندڙ?? جي خلاف قانون م??جب منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستاني مشن ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نيويارڪ دورو پڄاڻي تي پهتو ۽ ان دوران م??ڪي سربراهن ۽ اهم وفدن سان ٻرطرفيون م??اقاتون ٿيون، مجموعي طور تي هي دورو ڪامياب رهيو. هن چيو ته دوري دوران گڏيل قوم?? جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان م??اقات ٿي، دوري دوران ڪشمير مسئلي ۽ ڀارتي هندوتوا تي ڳالهه ٿي، مختلف فورمز تي موسمياتي تبديلي جو معاملو پڻ اٿاريو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي ۽ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، قوم جي ڀرپور انداز ۾ نمائندگي ڪئي. هن چيو ته ايراني صدر سان م??اقات دوران گهڻ رخي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو شڪار آهي، ڀارت دهشتگردي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، پاڪستان ڀارت سان تعميري ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ کي بي رحمي طريقي سان قتل ڪيو ويو ان سان اولهه ملڪن کي جهٽڪو لڳو هاڻي انهن جون اکيون کليون آهن ۽ اهي سنجيده سوال اٿاري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن، سکن سميت سمورن اقليتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي اهڙي طرح جي رويي جي روڪٿام لاءِ اتحاد ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته افغانستان سان تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، پاڪستان افغانستا?? جي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هن چيو ته قانو?? جي خلاف ورزي ڪندڙن کي قانون م??جب منهن ڏنو ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان معاشي بحالي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ايس آئي ايف سي جي ذريعي قدم کڻي رهيو آهي، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اعتماد سازي جي لاءِ قدمن تي عمل پيرا آهيون، جڏهن ايندڙ چونڊيل حڪومت ايندي ته اها پنهنجي منشور موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين کي اڳتي کڻي هلندي. هن چيو ته شي?? جي پهچ ۽ طلب، ذخيره اندوزي سان م??انگائي ٿئي ٿي، ذخيره اندوزن، کنڊ مافيا، ڪڻڪ مافيا جي خلاف سخت انتظامي قدم کنيا آهن جنهن سان مصنوعي مهانگائي ختم ڪئي آهي، ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جي ڪا کوٽ نه آهي، مصنوعي غيرقانوني ڪرنسي ٽريڊ ۾ مداخلت سان ڊالر جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن کي ساراهيو ويو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ اڻوڻندڙ ماحول جو تاثر صحيح نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان گهڻ رخا ۽ مضبوط لاڳاپا آهن، آمريڪا ۾ 10 لک پاڪستاني رهن ٿا ۽ مختلف شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۾ پاڪستاني شاگرد اسڪالرشپس تي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، پاڪ آمريڪا اتحاد ۽ تعاو?? جي پراڻي تاريخ آهي. هن چيو ته پاڪستان آزاداڻي پاليسي تي عمل پيرا آهي، نگران حڪومت ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪري رهي آهي. هن چيو ته جڙانوالا واقعو پاڪستاني رياست جي لاءِ ايتري بدنامي جو سبب نه بڻيو جيترو مني پور جا واقعا ڀارت جي لاءِ شرمناڪ آهن، مني پور رياست ۾ مسيحي برادري سان اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو پيو وڃي، مني پور ۾ سوين مرد عورتن کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته جڙانوالا واقعي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، پاڪستان بطور رياست ذميوار?? جي خلاف ڪارروائي ڪئي. مون ۽ آرمي چيف ان واقعي جو سخت نوٽيس ورتو. نگران وزيراعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ جو جلد اعلان ڪندي، ڪنهن به سياسي پارٽي کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ کان نه روڪيو ويندو، اڃا تائين اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي ناهي لڳائي، جيڪو ملڪي قانون?? جي خلاف ورزي ڪري ۽ شهري?? جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائي ۽ پوءِ چوي ته ان جو سياست سان تعلق آهي ته اهڙي طرح جي سرگرمين تي بنا دير جي قانون م??جب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته قانونن ۾ ڪنهن سان صن??ي فرق نه ٿو ڪيو وڃي، قانون تي عمل پيرا آهيون، ڪنهن ٻاهرئين قوت کي جوابده نه آهيون، اسان خودمختيار ملڪ آهيون. هن چيو ته پاڪستاني شهري هجن يا ٻين م??ڪن سان تعلق رکندا هجن، قانو?? جي خلاف ورزي تي انه?? جي خلاف پاڪستاني قانون م??جب ڪارروائي ٿيندي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين سان شفاف ۽ غيرجانبدراڻو رويو رکندي، نواز شريف جي معاملي تي قانون تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته روس اسان جو اهم پاڙيسري ملڪ آهي ان سان هر سطح تي تعميري لاڳاپا چاهيون ٿا، گڏيل قوم?? جي منشور جي ڪنهن م??ڪ کي خلاف ورزي نه ڪرڻ گهرجي، ڪنهن خودمختيار ملڪ جي خودمختياري جي خلاف ورزي جي مخالفت ڪريون ٿا. هن چيو ته مسئلا جنگ سان نه ڳالهي?? جي ذريعي حل ٿيندا آهن، يوڪرين ۽ روس کي ڳالهين تي غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري?? جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، غاصب قوتون م??ظم طريقي سان مخالف?? جي نسل ڪشي ڪن ٿيون، ڪشمير ۾ نسل ڪشي سان انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، هزارين ڪشميرين کي عدالت کان م??انهون قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومتي قدم?? جي ڪري ڊالر، کنڊ ۽ غذائي جنس?? جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي جيڪا حوصلي جوڳي ڳالهه آهي، اسان معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي رخ تي گامزن ڪري چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته رجسٽرڊ افغان پناهگير?? جي حوالي سان عالمي ذميواريون آهن جن کي پورو ڪرڻ اسا?? جي ذميواري آهي، پاڪستان ۾ 50 لک افغان پناهگيرن رهن ٿا انهن ۾ 28 لک رجسٽرڊ ۽ باقي غيررجسٽرڊ آهن غير رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي وطن واپسي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جنيوا ڪانفرنس دوران 10 ارب ڊالر جو واعدو ڪيو ويو اميد آهي ان واعدي تي عمل ڪيو ويندو، ان حوالي سان ڪجهه منصوبن تي ڪم شروع ٿي ويو آهي ۽ باقي تي جلد ڪم شروع ٿيندو، منصوبابندي واري وزارت کي ان حوالي سان فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ڪنهن کي ٻاهرئين م??ڪ مان وطن واپس ايندڙ پاڪستانين کي پريشان ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستا?? جي سفارتي اڪيلائپ جي شڪار ٿيڻ جو تاثر صحيح نه آهي، گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي ملڪي سربراهن ۽ وفدن سان م??اقاتون ٿيون. انهن پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان اجلاس جي موقعي تي ترڪيه ۽ سعودي عرب ڪشمير تي پاڪستاني موقف جي تائيد ڪئي جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. پاڪستاني سفارتخانا ٻاهرئين م??ڪ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن.