اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ت??لي?? ۽ پيشيواراڻي ترب??ت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي ملڪ ۾ ت??لي?? جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت آهي، ملڪ جي ڏورانهن علائ??ن ۾ ت??لي?? تائين ماڻهن جي پهچ وڌائڻي پوندي، آن لائين ت??لي?? ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين ت??لي?? پهچائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. صدر چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي ت??لي?? ڏيڻ جي لاءِ مسجدن کي فجر کان ظهر تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي ت??لي?? ڏيڻ جي لاءِ نوان ۽ غيرروايتي حل سوچڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ ت??لي?? جو سلسلو جاري رکڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. خصوصي ماڻهن کي ٻين ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ ت??لي?? ۽ تربيت جي لاءِ خصوصي بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ملڪ ۾ معياري ت??لي?? ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، نوجوانن خاص طور تي عورتن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته يونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پنهنجي شاگردن کي هنر سان ليس ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ا??لي?? ت??لي?? جي لاءِ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙن جو انگ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، ملڪ ۾ ا??لي?? ت??لي?? وارن ماڻهن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ گهرجن، يونيورسٽيون آن لائين تعيلم ۽ مختلف شفٽن جي مدد سان وڌيڪ شاگردن کي ا??لي?? ت??لي?? فراهم ڪري سگهن ٿيون، يونيورسٽيون 4 سالن جي ڊگري پروگرامز سان گڏوگڏ آن لائين ت??لي?? ۽ 2 سالن جا ڊگري پروگرامز پڻ شروع ڪن. صدر چيو ته ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آن لائين ۽ فاصلاتي ت??لي?? جي پروگرامز جي مدد سان ا??لي?? ت??لي?? يافته ماڻهن جو انگ وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جديد ترين مهارتن سان ليس ڪرڻ لازمي آهي، يونيورسٽيون مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ، س??ئب?? سيڪيورٽي ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جي شعبن تي خاص ڌيان ڏين. ملاقات دوران وفاقي اردو يونيورسٽي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.