اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ افغانستان جي شهر هرات ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اين ڊي ايم اي کي زلزلي متاثرين جي لاءِ فوري امداد رواني ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي دل متاثر خاندانن جي لاءِ ڏکويل آهي. هن چيو ته اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ افغانين سان گڏ بيٺل آهيون. نگران وزيراعظم چيو ته هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته متاثر ماڻهن کي وڌ کان وڌ امداد موڪلين. افغان حڪومت خصوصي طور تي ميڊيڪل ٽيم، فيلڊ اسپتال، 50 ??يم?? ۽ 500 ڪمبل موڪلڻ جي درخواست ڪ??ي آهي. نگران وزيراعظم جي هدايت تي سموريون درخواست ڪيل شيون اڄ امدادي سامان سان گڏ موڪليون پيون وڃن.