اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حج جهڙي اهم مذهبي فرض سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن، حاجين جي لاءِ ڪيل انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺ??هه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، نجي ڪمپنين جي سخت نگر??ني ڪري اهو ??قيني بڻايو وڃي ته ان جي وسيلي پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن، حج پاليسي فوري طور تي وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سا?? تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم کي حج جي حوالي سا?? قدمن ۽ حج پاليسي 2024ع جي تياري جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس جي شر??ت ڪندڙن سا?? ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته حج جهڙي اهم فرض کي سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته حاجين جي لاءِ ڪيل انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺ??هه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته نجي ڪمپنين جي سخت نگر??ني ڪري اهو ??قيني بڻايو وڃي ته انهن جي وسيلي سا?? پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته حج پاليسي جلد وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، مذهبي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن شر??ت ڪئي.