اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جده ۾ آهي ته جيئن غزه جي بحران ۽ اتان جي بند ۾ پيل شهرين جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيا?? موجب اجلاس پاڪستان ۽ سعودي ??رب گڏيل طور تي گهرايو آهي. نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان مشاورت ۾ مصروف آهي. بيا?? موجب ان غيرمعمولي سيشن تي هن مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل ??رب امارات جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. نگران پرڏيهي وزير انهن سان مشاورت دوران غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۽ گهيراءُ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ موجوده صورتحال ت?? پاڪستان جي گهري ??ڻتي جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جده ۾ ملاقات سان گڏ مشاورت جاري رکندو. بيا?? موجب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اڄ اربع ڏينهن ٿيندڙ اجلاس جي حوالي سان نگران پرڏيهي وزير او آءِ س?? پاران جنگبندي ۽ لنگهن جي ذريعي انساني امداد جي فراهمي جي گڏيل مطالبي جي لاءِ پاڪستان جي ترجيح تي زور ڏنو آهي ته جيئن خوراڪ، دوائون، پاڻي ۽ ٻيو ضروري سامان غزه جي ماڻهن تائين بنا ڪنهن دير جي پهچي سگهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان کانپوءِ جي ڪوششن جو رخ عالمي قانون ۽ گڏيل ??وم?? ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قرارداد?? موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل طرف هجڻ گهرجي. بيا?? موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.