بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين جي ايسٽ سي گروپ جي چيئرمين فانگ يو لونگ سان مثبت ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين، نجي شعبي جي واڌويجهه ۽ پاڪستان چين اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ??نه??جي ٽ??ئيٽ ۾ هن چيو ته چين کي گوادر فري ز??ن ۾ سيڙپڪاري اسان جي پائيدار دوستي جو ثبوت آهي.