بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي ۽ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري دوران من ميٽلز جي چيئرمين وينگ زو ليانگ ۽ ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن آف چائنا جي چيئرمين چن جيانوانگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراع??م شرڪت ڪندڙن کي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراع??م شريڪ ٿيندڙن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ت?? حڪومت ”هول آف دي گ??رنمينٽ اپروچ“ جي ت??ت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.