اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ اسرائيلي فوج جي خاص طور تي ٻارن جي خلاف وحشياڻي ڪاررواين کي ”چلڊرن هولوڪاسٽ“ قرار ڏيندي چيو آه?? ته پيشيواراڻي فوج جو مقا??لو فوج سان ئي ٿئي ٿو، اها ڪڏهن به معصوم شهرين، معصوم ٻارن ۽ عورتن کي نشانو ناهي بڻائيندي، غزه ۾ معصوم بارن ۽ عورتن جو قتل عام گڏيل قومن جي ٻارن، انساني حقن، عورتن جي حق بابت ڪنوينشن سميت سمورن حقن جي واضح خلاف ورزي آه??، غزه ۾ اهو قتل عام بند ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن ٻارن جي عالمي ??ينهن جي موقعي تي زارا الرٽ موبائيل ايپ جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن سال انساني حقن واري وزارت ٻارن جو عالمي ??ينهن ان وچن سان ملهائي رهي آه?? ته اسان جي ٻارن جي هر طرح سان حفاظت اسان جو قومي فرض آه??، هن ڏينهن جي مناسبت سان زارا موبائيل ايپ جاري ڪئي وئي آه?? جنهن جي ذريعي گم ٿيل ٻارن جي فوري بازيابي کي ممڪن بڻايو ويندو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم کي ٻارن جي چارٽر آف ڊيمانڊ پڻ پيش ڪيو ويو. نگران وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻارن جي عالمي ??ينهن جي موقعي تي غزه جا ٻار اسان جي ذهن ۾ آيا جتي اسرائيلي فوج پاران بارود جي زور تي انهن کي ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهي جسماني عضون کان محروم ڪيا پيا وڃن، انهن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي. هن غزه ۾ اسرائيلي فوج جي وحشياڻي ڪاررواين کي چلڊرن هولوڪاسٽ قرار ڏيندي چيو ته پيشيواراڻي فوج جو مقا??لو پيشيواراڻي فوج سان ئي ٿئي ٿو، اها ڪڏهن به معصوم شهرين، معصوم بارن ۽ عورتن کي نشانو ناهي بڻائيندي. هن چيو ته حضرت موسيٰ عه جي پيدائش کان اڳ فرعون جي حڪم تي بني اسرائيل جي ٻارن کي قتل ڪيو ويو، ستم ظريفي اها آه?? ته حضرت موسيٰ عه جا پيروڪار هجڻ جا دعويدار حضرت موسيٰ عه جي پيروي بدران فرعون جي نقش قدم تي هلي رهيا آه??. نگران وزيراعظم چيو ته غزه ۾ معصوم بارن ۽ عورتن جو قتل عام گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن، انساني حقن، عورتن جي حقن بابت ڪنوينشن سميت سمورن حقن جي واضح خلاف روزي آه??، بي حسي سان اهو قتل عام اڄ هڪ تمام وڏو چئلينج آه??. هن ان صورتحال ۾ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جي ذميواراڻي ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته اها صورتحال فوري ڌيان جي گهرجائو آه??، غزه ۾ ٻارن، عورتن جو اهو قتل عام بند ٿيڻ گهرجي، دنيا ۾ ماڻهن جي اڪثريت اسرائيلي وحشياڻي ڪاررواين جي مذمت ڪري رهي آه??، دنيا ۾ 8 ارب جي آبادي ۾ شايد ئي ڪو اهڙو هجي جيڪو ان ڏاڍ جو دفاع ڪندو هجي، ٻارن، بزرگن، عورتن سميت سڀ ان جي مذمت ڪري رهيا آه??، اسان او آءِ سي سميت ٻين پليٽ فارمز تان آمريڪا سميت ٻين عالمي طاقتن تي زور ڏئي رهيا آه??ون ته اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ فوري طور تي جنگ بندي يقيني بڻائين ۽ انساني لنگهه قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻارن، بزرگن، عورتن سميت هر هڪ کي نشانو بڻايو پيو وڃي ان کي اسان نسل ڪشي چئي سگهون ٿا، اسان کي پنهنجو آواز بلند ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان ڏاڍ جو خاتمو ٿي سگهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ حڪومت جي ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته اسان جي معاشري جي هر طبقي جو اهو فرض آه?? ته اهي ان مقدس مشن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پنهنجي قوم جي هر ٻار جي حقن جي تحفظ جي لاءِ حڪومت پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آه??، اسان ان حقيقت کان چڱي ريت آگاهه آه??ون ته ٻار اسان جو مستقبل آه??. هن انساني حقن واري وزارت ۽ زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايجنسي (زارا) کي موبائيل ايپ جاري ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته کيس اطمينان آه?? ته اهو قدم پاڪستان جي ٻارن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ اهم قدم هوندو، ٻارن جي گمشدگي جي حوالي سان فوري شڪايت تي اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان جي فوري بازيابي جي قابل ٿي سگهندا. هن چيو ته هر ٻار کي معياري تعليم، صحت جي سهولتن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ جو حق حاصل آه??، حڪومت گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن بابت ڪنوينشن تي عملدرآمد ۽ ٻارن جي حقن ۽ انهن جي بهتري لاءِ پرعزم آه??، اسان پنهنجي ٻارن جو تحفظ ڪندي انهن کي ان قابل بڻائينداسين ته اهي قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.