اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ه??اي?? ڪئي آهي ته سک ياترين کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي زي??رت دوران هر قسم جُون سهولتُون فراهم ڪيُون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها ه??اي?? سک ياترين کي پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ ويزا سهولتن جي جائزه اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي سڄي سال ۾ منعقد ٿيندڙ سکن جي مختلف ڏڻن، سک ياترين جي ويزائن ۽ انهن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ته پنهنجي مذهب جي مقدس جاين جي زي??رت ڪرڻ جي لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياتري اسان جا مهمان آهن. هن ه??اي?? ڪئي ته سک ياترين کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي زي??رت دوران هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چ??و ته سک ياترين کي ويزا جي فراهمي جي عمل کي وڌيڪ تيز ۽ شفاف بڻايو وڃي، ڪرتاپور ۾ سک ياترين کي عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس کي گهرو وز??رت پاران سک ياترين کي ميسر ويزا سهولتن، ويزا حاصل ڪرڻ ۾ گهربل مدي، ڪرتارپور لنگهه جي انتظامي معاملن ۽ سکن جي سالياني ڏڻن تي تفصيلي بريف ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ڪرتاپور لنگهه جي ذريعي ۽ ٻين ملڪن مان زي??رت جي لاءِ آيل سک ياترين کي وڌيڪ ۽ بهتر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ ه??اي?? ڪئي.