اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ?? لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آسان ويزا طريقيڪار ۽ بهتر بئنڪنگ چينلز سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌيڪ هٿي ملندي، هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري مختصر وقت ۾ هڪ ارب ڊالر جي گڏيل واپاري هدف کي آساني سان حاصل ڪري وٺندي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ازبڪستان جي نائب و??ير??عظم ڊاڪٽر جمشيد خدجايو عبدوخاڪو مووچ 7 رڪني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. نگران و??ير??عظم نائب و??ير??عظم ۽ سندس وفد جي پاڪستان ۾ آجيان ڪئي ۽ 8 کان 9 نومبر 2023ع تائين ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ منعقد 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف سان پنهنجي تازي ملاقات جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، دفاع ۽ رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان ج?? اظهار ڪيو. هن اسلام آباد ۾ پاڪستان، ازبڪستان ۽ افغانستان جي واپار ??ار?? وزيرن جي پهرين ٽي ڌريي اجلاس جي انعقاد کي پڻ ساراهيو. ٽنهي ڌرين ڪسٽم، لاجسٽڪس، واپار جي فروغ، ٽيرف، ٽي آئي آر جي طريقيڪار تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ٽي ڌريو ورڪنگ گروپ پڻ قائم ڪيو. ٽه ڌريي اجلاس جي نتيجن تي اطمينان ج?? اظهار نگران و??ير??عظم اميد ظاهر ڪئي ته ٽي ڌريو طريقيڪار ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيندو. نگران و??ير??عظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا ۽ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته آسان ويزا طريقيڪار ۽ بهتر بئنڪنگ چينلز ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري مختصر وقت ۾ هڪ ارب ڊالر جي گڏيل واپاري هدف کي آساني سان حاصل ڪري وٺندي. ازبڪ نائب و??ير??عظم سندس ۽ سندس وفد جي شاندار استقبال تي نگران و??ير??عظم جا ٿورا مڃيا. هن نگران و??ير??عطم کي بئنڪنگ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن سميت پاڪستان جي واپاري برادري سان نتيجاخيز ملاقاتن بابت ٻڌايو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي پراجيڪٽ جي وقت سر تڪميل جي لاءِ فعال ڳالهه ٻولهه جاري رکندا. ازبڪستان جي وفد ۾ ٽرانسپورٽ ??ار?? وزير الخم مخڪاموف رسمووچ، سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار ??ار?? نائب وزير بدري الدين عابدوف، نائب پرڏيهي وزير بابور عثمانوف، اسٽيٽ سيڪيورٽي سروس جو ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل فرخ مختارئوف ۽ پاڪستان ۾ ازبڪستان جو سفير ميجر جنرل فرخ مختاروف اويبيڪ عارف عثمانوف شامل هئا. ملاقات ۾ واپار ??ار?? نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز کانسواءِ واپار ??ار?? سيڪريٽري، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا.