اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وفاقي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته چين ۾ گذريل 70 سالن ۾ جيڪا ترقي ٿي آ??ي اها مثالي آ??ي، چين ۽ پاڪستان جو ثقافتي رشتو 25 سؤ پُراڻو آهي، موهن جو دڙو، ٽيڪسلا ۽ گنڌارا تهذيب جي باقيات دنيا جي ٻن قديم ترين تهذيبن وچ ۾ ٻڌمت جي مٽاسٽا جي عڪاسي ڪري ٿو. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مضبوط رشتو آهي جنهن جو مثال سي پيڪ مان م??ي ٿو. هن اها ڳالهه ليو جيان منگ جي ڊپٽي پارٽي سيڪريٽري، سنڪيانگ پروڊ??شن اينڊ ڪنسٽر??شن ڪور جي ڊپٽي پوليٽيڪل ڪمسير جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران چئي. مدد علي سنڌي چيو ته تعليم جي معيار ۽ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعداد ۾ گهٽتائي ڪرڻ کي ترجيح ڏني آ??ي. چين ۾ گذريل 70 سالن ۾ جيڪا ترقي ٿي آ??ي اها مثالي آ??ي. نگران وزير چين ۾ فني ۽ تعليمي اپ گريڊيشن کي ساراهيندي چيو ته اسان چين طرف ڏسون ٿا ته ان جي ڪاميابي جي رستن مان سکون، پاڪستان ۽ـ چين وچ ۾ مضبوط رشتو آهي جنهن جو مثال سي پيڪ مان م??ي ٿو. هن تعليم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ مٽاسٽا وڌ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته تحقيق جي دائره ڪار کي وڌ??ئڻ ۽ وسيع ڪرڻ لاءِ چين ۽ پاڪستان جي يونيورسٽين وچ ۾ تعاون هئڻ گهرجي. هن چيو ته موهن جو دڙو، ٽيڪسلا ۽ گنڌارا تهذيب جي باقيات دنيا جي ٻن قديم ترين تهذيبن وچ ۾ ٻڌمت جي مٽاسٽا جي عڪاسي ڪري ٿو. هن وفد کي تاريخي هنڌن جو دؤرو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. مدد علي سنڌي چيو ته تعاون جي منصوبن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هڪ ايم او يو تي صحيحون ڪيون وينديون. هن چيو ته چين ۾ 30 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، وڌيڪ تعاون جي گنجائش باقي آ??ي. هن چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان ٻه طرفي مٽاسٽا کي تيز ڪريون ۽ هڪٻئي جي تجربن مان ڀرپور فائدو کڻون. مدد علي سنڌي ايڇ اِي سي ۽ نيو ٽيڪ جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته اهي سنڪيانگ پروڊ??شن اينڊ ڪنسٽر??شن ڪور ايس پي سي سي سان مڪمل تعاون ڪريون. هن چيو ته اڄ ۽ مستقبل جي مسئلن جي حل لاءِ جديد ۽ فني تعليم اڻٽر آهي. اسان وٽ وسيع زرعي صلاحيت آهي ۽ چيني تعاون سان اسان پنهنجي ملڪ ۾ موجود قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهون ٿا. ان موقعي تي سنڪيانگ پروڊ??شن اينڊ ڪنسٽر??شن ڪور جي ڊپٽي پوليٽيڪل ڪميسر، ڊپٽي پارٽي سيڪريٽري ليوجيان منگ چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ پُراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته ان جي دؤري جو مقصد پاڪستاني زراعت ۽ فني تعليم جي جديد ڪاريءَ ۾ تعاون کي وڌ??ئڻ آهي. ان جي تنظيم تحت ٻه يونيورسٽيون ۽ 10 ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ آهن ۽ اهي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌ??ئڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ان ادارن ۾ زراعت، طبي ۽ ويٽنري جي شعبن ۾ اڳ ئي 1800 شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. هن خاص ڪري استادن جي تربيت جي حوالي سان مهارت جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي يونيورسٽي سطح تي فيڪلٽي تربيت لاءِ مٽاسٽا جا پروگرام شروع ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.