اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دبئي جي المڪتوم عالمي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي گورنمينٽ ڊيولپمينٽ ۽ فيوچر واري مملڪتي وزير ايهود بنت خلفان الرومي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير ۽ پاڪستاني سفارتي عملي نگران وزيراعظم کي رخصت ڪي??. دوري دوران نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ پڻ شر??ت ڪئي ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جو قومي بيانيو پيش ڪي??. نگران وزيراعظم گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ گول ميز مباحثي ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪي??. ڪوپ – 28 جي موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سريلنڪا ۽ مالديپ جي صدرن، نيدرلينڊز، استونيا، شام جي وزيراعظمن ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪوچيئر بل گيٽس سان ملاقاتون ڪي??ن. نگران وزيراعظم ڪوپ – 28 پاڪستان پويلين جو دورو پڻ ڪي??، ليونگ انڊس انيشي ايٽو جي حوالي سان تقريب ۾ شر??ت ڪئي ۽ زيد سسٽين ايبلٽي پرائز جو ايوارڊ کٽيندڙ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات پڻ ڪئي. ڪوپ – 28 دوران نگران وزيراعظم عالمي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوز ۾ موسمياتي تبديلي، ملڪ جي گهرو، پرڏيهي معاملن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پڻ اجاگر ڪي??. نگران وزيراعظم دبئي کان گوادر پهچندو جتي هو چين پاڪستان دو??تي اسپتال ۽ سامونڊي پاڻي کي صاف ڪري استعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽ جو افتتاح ڪندو.