ڪوهاٽ – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جديد تعليم اسان جي ترجيح آ??ي، تعليم يافته نوجوان ??وم جو مستقبل آهن، استادن جو تعليمي نظام ۾ انتهائي اهم ڪردار آ??ي، شاگردي واري دور ۾ گذاريل وقت شاگردن کي مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ تيار ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي 58 هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران ??زيراعظم چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج جي 58 هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت ۽ نوجوان ڪيڊٽس کي مخاطب ٿيڻ منهنجي ل??ءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. شاگردي واري وقت ۾ گذاريل وقت اسان کي مستقبل جي ل??ءِ تيار ڪري ٿو. جديد تعليم خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪنهن به قوم جي ترقي جي ضمانت آهي. اسان کي پاڻ کي جديد تعليم سان ??يس ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کڻڻا پوندا. نگران ??زيراعظم چيو ته استاد تعليمي نظام ۾ انتهائي اهم حيثيت رکن ٿا. والدين تي به انتهائي وڏي ذميواري ل??ڳو ٿئي ٿي. نگران ??زيراعظم چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ سدائين بهترين نتي??ا ڏنا آهن. نگران ??زيراعظم چيو ته هي ڪاليج منهنجو مادر علمي رهيو آهي. آئون 1984ع ۾ بلوچستان جي هڪ پٺتي پيل علائقي مان تعليم جي ل??ءِ هن ڪاليج ۾ آيس. آئون زندگي ۾ اڄ هن مقام تي پهتو آهيان ته ان جو ڪريڊٽ منهنجي هن مادر علمي جي استادن ڏانهن وڃي ٿو. نگران ??زيراعظم ڪيڊٽس کي تلقين ڪئي ته اهي محنت، ايمانداري ۽ لگن سان اڳتي وڌندا وڃن، انهن جي ل??ءِ زندگي ۾ چئلينجز هوندا، مشڪليون اينديون پر ڪاميابي انهن جو مقدر هوندي. نگران ??زيراعظم چيو ته هڪ سٺو انسان بڻجڻ ئي زندگي جي سڀ کان ??ڏي ڪاميابي آهي. تقريب کي خطاب دوران ??گران ??زيراعظم جيڪو ڪيڊٽ ڪاليج مان ??ارغ ٿيل آ??ي، هن پنهنجي مادر علمي جي ڪيترن ئي استادن جو نالو کڻي ذڪر ڪيو ۽ انهن کي ياد ڪندي نگران ??زيراعظم روئڻهارڪو ٿي ويو. نگران ??زيراعظم چيو ته مون ۾ اڄ جيڪو ڪجهه بهتر آهي ان جو سهرو منهنجي استادن ڏانهن وڃي ٿو. ان کان اڳ پرنسپل برگيڊيئر (ر) طفيل محمد خان چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ سدائين بهترين نتي??ا ڏنا آهن ۽ بورڊ امتحانن ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي آهي. ان کانسواءِ هم نصابي سرگرمين ۾ پڻ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. ڪاليج جي فارغ ٿيندڙ شاگرد مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا اهن. نگران ??زيراعظم ڪيڊٽس جي پريڊ جو معائنو ڪيو. نگران ??زيراعظم کي ڪيڊٽس جي دستي سلامي ڏني. هن چيمپيئن شپ جو جهنڊو رستم هائوس جي حوالي ڪيو. ان ??وقعي تي چيئرمين بورڊ آف گورنر ميجر جنرل ذوالفقار علي ڀٽو پڻ موجود هو. نگران ??زيراعظم ڪيڊٽس پاران گهوڙي سواري، نيزه بازي ۽ جمناسٽڪس جو مظاهرو پڻ ڏٺو. نگران ??زيراعظم نصابي ۽ هم نصابي سرگرمين ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪيڊٽس ۾ انعام ورهايا جڏهن ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي پرنسپل نگران ??زيراعظم کي ڪاليج جو سووينيئر پيش ڪيو.