اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ ٽي عالمي مالياتي ادارن جي وچ ۾ 1500 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، اهو معاهدا عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشئين انفرااسٽرڪچر ڊلپمينٽ بئنڪ سان طئي ٿيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪوويڊ 19 ايڪٽو رسپ??نس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي مالي مدد فراهم ڪندو، ان جو مقصد حڪومت پاڪستان کي ان جي صحت جي نظام کي مضبوط ب??ائڻ ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ مع??شي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ آهي، انهي طرح ايشيئن انفرااسٽرڪچر انويسٽمنيٽ بئنڪ به ڪوويڊ 19 ايڪٽو ريسپ??نس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي معاون فنانسنگ فراهم ڪري رهيو آهي، ان جو مقصد ڪورونا وبا جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي حڪومتي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ آهي، ان کانسواءِ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ ضروري صحت ۽ تعليم جي نظام کي مضبوط ب??ائڻ، مع??شي پيداوار ۾ عورتن جي ڪردار جي حوصلا افزائي ۽ سماجي تحفظ جي منصوبن ۾ بهت??ي ۾ مدد جي سلسلي ۾ اسيڪورنگ هيومن انويسٽمينٽس ٽو فاسٽر ٽرانسفارميشن (شفٽ) لاءِ 500 ملين ڊالر جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون.