اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گهڻ رخي ترقي لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته ترقي جو اهڙو نظام جوڙيون جنهن ۾ ڪو به طبقو ۽ علائقو محروم ۽ پوئتي نه رهجي، سڄي ملڪ کي هڪجهڙي طور تي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪ??ا وڃن، صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ مواصلاتي رابطن جو فروغ تمام وڏي تبديلي آهي، ماضي ۾ شاهراهون پئسا ٺاهڻ لاءِ تعمير ڪيون وي??ديون هيون، 2013ع جي مقابلي ۾ 2021ع ۾ جيڪي رستا ٺهيا انهن جي لاڳت گهٽ آهي، رستن جي تعمير ۾ هڪ هزار ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي، هڪ قرضي ملڪ ۾ ايتري وڏي ڪرپشن ٿي رهي هئي، مديني جي رياست جي طرز تي ملڪ جي تعمير ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪله ڊي آءِ خان موٽر وي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته مواصلات واري وزارت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، مواصلات واري وفاقي وزير ۽ سندس وزارت، خاص طور تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. اڄ اسان هڪله – ڊي آءِ خان موٽر وي جو افتتاح ڪيو، ان شاهراهه سان ملڪ کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. ماضي ۾ ترقي صرف وڏن شهرن ۽ لاهور تائين محدود هئي، اوڀر لنگهه تي ڌيان ڏنو وي??، انهي طرف وڌيڪ ترقي ٿي، باقي علائقن کي نظر انداز ڪيو وي??، ملڪ ڊگهي مدي واري منصوباندي سان تعمير ٿيندا آهن. چين ايندڙ 30 سالن جي حڪمت عملي به جوڙي رکي آهي ۽ مستقبل جو روڊ م??پ بڻائي رکيو آهي، ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته سڄي ملڪ کي هڪجهڙي طور تي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪ??ا وڃن. جيڪڏهن ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه ڪئي وڃي ته ڪجهه علائقا ته ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي نڪري وي??دا آهن پر باقي ملڪ پوئتي رهجي وي??دو آهي، ان سان اهو ٿيندو آهي ته ٿورا ماڻهو تمام گهڻا امير ٿي وي??دا آهن ۽ اڪثريت غريب رهجي وي??دي آهي، وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان سڄي ترقي پذير دنيا جو اهو ئي مسئلو آهي ته ڪجهه ماڻهو گهڻا امير ۽ باقي غريب رهجي وي??اد آهن. هڪ ٻن علائقن تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وي??دي آهي جڏهن ته باقي علائقا پوئتي رهجي وي??دا آهن. ڪڏهن به ڪو ملڪ ان طرح ترقي نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي پلاننگ ڪميشن زبردست منصوبابندي ڪئي، هن ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪئي، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي لاءِ وڏا وڏا منصوبا ٺهيا، ان کانپوءِ ڪڏهن اهڙي طرح جي ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار نه ڪئي وئي، هلڪه – ڊي آءِ خان موٽر وي سان انهن علائقن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ملندي جيڪي ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويا، انهن علائقن جا ماڻهو محروم ان لاءِ رهجي ويا ڇو ته انهن تي ڌيان نه ڏنو وي?? ۽ ترقي جي ڊوڙ ۾ شامل نه ڪيو وي??. پوئتي پيل علائقن ۾ جنهن جو زندگي جو معيار به بهتر ٿي وي??دو آهي هو وڏن شهرن ۾ وڃي رهڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پنهنجي ٻارن ۽ خاندان کي به وڏن شهرن ۾ منتقل ڪري وٺندو آهي ڇو ته اتي تعليم، صحت ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي بهتر هوندي آهي جنهن جي ڪري پوئتي رهجي وي?? علائقا وڌيڪ هيٺ هل??ا ويا. جڏهن ننڍن علائقن مان ٽيلينٽ وڏن شهرن ۾ منتقل ٿي وي??دو آهي ته اهو ترقي جي ڊوڙ ۾ وڌيڪ رهجي وي??دا آهن، سي پيڪ جي اولهندي لنگهه جي پهرين مرحلي جي تعمير مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ سالن ۾ ان علائقي تي زبردست اثر پوندا. وزيراعظم چيو ته هڪله – ڊي آءِ خان موٽر ويز ج?? تعمير سان مسافري جو وقت گهٽ ٿي وي??دو ۽ ڊي آءِ خان جو 7 ڪلاڪن جو سفر 3 ڪلاڪن جو رهجي وي??دو، علائقي ۾ ترقي ۽ سهولتن جي فراهمي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪيو آهي، پهرين ميانوالي، ڊيره اسماعيل خان جهڙن ڏورانهن علائقن جي ماڻهن کي علاج جي لاءِ وڏن شهرن ۾ وڃڻو پوندو هو ۽ ڪيترائي ويچارا مريض رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيندا هئا، پنجاب جي هر خاندان کي مارچ تائين هيلٿ ڪارڊ م??ي وي??دو جنهن سان انهن کي 10 لک روپين تائين جي هيلٿ انشونس حاصل هوندي، هاڻي ميانوالي، ڊي آءِ خانا جهڙن پوئتي پيل علائقن ۾ به پرائيويٽ اسپتال ٺهنديون، ڇو ته ماڻهن وٽ جڏهن پنهنجي علاج ڪرائڻ لاءِ هر جاءِ تي پرائيويٽ اسپتال ٺهنديون، پهرين پرائيويٽ اسپتال وڏن شهرن ۾ ٺهنديون هيون، حڪومت وٽ ايترو پئسو ناهي ته جو هر جاءِ تي اسپتال ٺاهي، هيلٿ ڪارڊ جي ڪري نجي شعبو اسپتال تعمير ڪندو، هيلٿ ڪارڊ صرف هڪ ڪارڊ نه پر صحت جو هڪ پورو نظام آهي، وزيراعظم چيو ته مختلف ضلعن جي سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جو نظام ٺيڪ نه آهي، ڊاڪٽرز ڏورانهن علائقن ۾ نٿا وڃن، جنهن سان مانهو علاج جي سهولتن کان محروم آهن، رياست جي بنيادي ذميدارين ۾ عوام جي صحت جو خيال رکڻ گهڻو ضروري آهي، اهڙي طرح تعليم ۽ انصاف به رياست جي بنيادي ذميداري ۽ عوام جي تمام وڏي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ ۽ ڪنڪٽيوٽي تمام وڏي تبديلي آهي. وزيراعظم چيو ته وڏي عرصي کان اهو چئي رهيو آهيان ته ڪرپشن پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، اين ايڇ اي جو مثال سامهون آهي جنهن ۾ ڪرپشن جو خاتمو ڪيو وي?? آهي، جڏهن ڪنهن اداري مان ڪرپشن ختم ٿي وي??دي آهي ته عوام کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. گذريل حڪومت جيترن پئسن مان هڪ رستو ٺاهيو اسان ايترن پئسن مان ٻيڻو رستو ٺاهيو، جيتوڻيڪ 2013ع جي مقابلي ۾ هاڻي لاڳت تمام گهڻي آهي، ان جي باوجود ماضي جي مقابلي ۾ اسان جيڪي رستا ٺاهي رهيا آهيون اهي گهٽ لاڳت ۾ بڻجي رهيا آهن. ان مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته ڪنهن جي کيسي ۾ پئسا وڃي رهيا هئا. ماضي ۾ رستا ان لاءِ نه ٺهي رهيا هئا ته ڏورانهن علائقن کي فائدو ٿئي پر پئسو بڻائڻ جي لاءِ رستا ٺاه??ا ويا، بلوچستان جهڙي ڏورانهن علائقن ۾ رستا نه ٺاه??ا ويا، انهن جي احساس محرومي جائز آهي، ايتري وڏي علائقي کي ترقي کان محروم رکيو وي?? ۽ جتي پهرين ئي ترقي موجود انهن علائقن کي وڌيڪ ترقي ڏني وئي، جيڪڏهن پئسا چوري نه ڪيو وڃي ها ته انهي پئسي ۾ ٻيڻ تي رستا ٺهي سگهيا پئي. هن چيو ته اين ايڇ اي جو روينيو ٻيڻو ٿي چڪو آهي، اهو ان لاءِ ممڪن ٿيو ڇو ته ڪرپشن جو خاتمو ڪيو وي??، اين ايڇ اي جي زمينن تي قبضن جو خاتمو ڪيو وي?? ۽ قبضو ڇڏرايو وي?? آهي، هن وقت تائين 5 ارب روپين جون زمينون آجيون ڪرايون وي??ن آهن، اين ايڇ اي ۾ اهڙا ماڻهو وي??ل هئا جنهن گڏجي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرايا. وزيراعظم چيو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ارب روپيا مختلف ماڻهن جي کيسن ۾ ويا، هڪ قرضي ملڪ ۾ ايتري وڏي رقم ڪرپشن جي ور چڙهي رهي هئي، ان کان وڏو ظلم ڪهڙو هوندو ته هڪ اهڙو ملڪ جيڪو قرض کڻي هلي رهيو آهي ان ۾ ايتري وڏي ڪرپشن ڪئي پئي وئي ۽ پئسا ٺاهڻ جي لاءِ مهانگا رستا ٺاهيا پئي ويا. هنن ڪرپشن جا مختلف طريقا ايجاد ڪيا هئا اهڙي طرح ڪرپشن کي عدالت ۾ ثابت ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. وزيراعظم وفاقي وزير مراد سعيد ۽ سندس وزارت کي بهترين ڪارڪردگي تي شاباش ڏيندي چيو ته هو ڪرپشن جي خاتمي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪري ۽ عوام کي ٻڌائي. وزيراعظم چيو ته ترقي سدائين سڀني کي گڏ کڻي هلڻ سان ٿيندي آهي ڪنهن هڪ طبقي جي ترقي ڪرڻ سان ترقي ناهي ٿيندي. اسان جي پوري ڪوشش آهي ته ترقي جو اهڙو نظام جوڙيون جنهن ۾ ڪو به طبقو ۽ علائقو محروم ۽ پوئتي نه رهجي. هن چيو ته مديني جي رياست دنيا جي تاريخ جو سڀ کان ڪامياب ماڊل آهي، نبي ڪريم ﷺ دنيا جي تاريخ جو سڀ کان ڪامياب ماڊل 10 سال ۾ لاڳو ڪري ڏيکاريو، مديني جي رياست ڪنهن ايليٽ ڪلاس جي لاءِ نه هئي پر ان ۾ عام ماڻهن کي مٿي کنيو، مديني جي رياست ۾ معاشي ۽ عدالتي انصاف هو ۽ ميرٽ جي پاليسي هئي، اسان جي حڪومت به شفافيت ۽ ميرٽ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي، قوم کي ان جو فائدو ٿي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ايندڙ ٻن سالن جي دوران اولهندي لنگهه کي اڳتي وڌايون جنهن سان وزيرستان ۽ بلوچستان سميت سمورن پوئتي پيل علائقن جي عوام کي فائدو ٿيندو ۽ وڏن شهرن طرف لڏپلاڻ ۾ گهٽ ٿيندي. وزيراعظم چيو ته چين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي، سي پيڪ جي ڪري ملڪ ۾خوشحالي ۽ ترقي جا رستا کلندا، ان کان اڳ وفاقي وزير مراد سعيد وزيراعظم کي هڪله – ڊي آءِ خان موٽر وي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، ان موقعي تي وفاقي وزير شهريار آفريدي، غلام سرور خان، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻيا به موجود هئا.