سيالڪوٽ -16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ميرٽ جي پ??ليسي ئي پ??ڪستان کي عظيم ملڪ بڻائيندي، هلندڙ مالي سال دوران هڪ لک شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويندا، عوام جي فلاح و بهبود اسان جي ??ولين ترجيح آهي، ڪا به قوم عورتن کان سواءِ اڳتي نٿي وڌي سگهي، عوام ٻيهر موقعو ڏنو ته شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏينداسين، آ3 ايم ايف سان معاهدي سبب رپئي جي قدر ۾ استحڪام آيو آهي، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو، معيشت مضبوط ٿيندي ته قرضن کان نجات ملندي. گورنيمنٽ ڪاليج ويمن يونيورسٽي سيالڪوٽ ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي هونهار نياڻين سان ملي خوشي ٿي آهي، خواجه آصف سان منهنجي ??قابت گورنمينٽ ڪاليج جي ??اگردي واري دور کان آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت شاگردن کي ليپ ٽاپ جي فراهمي انهن جي قابليتن جو اع??را?? آهي، هي ڪو احسان ناهي ميرٽ تي اوهان کي هي ليپ ٽاپ ڏنا ويا آهن، انهن ۾ ڪا به علائقائي يا سفارش کي نظر ۾ نه رکيو ويو آهي، هن پاليسي تي عمل پيرا ٿي پ??ڪستان کي عظيم قوم بڻايو ويندو، دنيا انهي پ??ليسي تحت عروج حاصل ڪيو. هن ??يو ته ليپ ٽاپ جي ورهاست جو منصوبو 2011ع ۾ شروع ڪيو ۽ ميرٽ تي پنجاب کان علاوه ٻين صوبن جي ??اگردن کي پڻ ليپ ٽاپ ڏنا ويا. پنجاب جي وڏي وزير طور ٻين صوبن لاءِ به سوچيو ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح پاڪستان ترقي ڪري سگهيو ٿي، هن ??يو ته هڪ لک ليپ ٽاپ جي ورهاست جو منصوبو 23-2022ع جو اهي، هلندڙ مالي سال هڪ لک وڌيڪ ليپ ٽاپ ڏيڻ جو منصوبو آهي، اسان خوراڪ، دوائن ۽ پيٽروليم گهرائڻ جي ??جازت ڏني، هي اسان جون ترجيحات هيون، ان کان علاوه ايترا چئلينج هئا جو انڊسٽري سميت ٻيو ضروري شيون گهرائڻ ۾ مشڪلاتون هيون جڏهن ته اها خبر هئي ته شاگردن کي گهربل سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن، انهي لاءِ 45 ملين ڊالر مهيا ڪري اهي ليپ ٽاپ گهرايا ويا، اسان پنهنجي ??اگردن کي تعليم جي ??يور سان آراسته ڪرڻ چاهيون ٿا ته کين وظيفن سميت سموريون سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون. اسان پاڪستان ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ هن سال جي ??جيٽ ۾ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ڪا به قوم عورتن جي ڀرپور حصي کان سواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، انهي لاءِ عورتن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون، دنيا ۾ عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقي ۽ خوشحالي جي ??فر ۾ شامل آهن. هن ??يو ته اسان جي ??ڪومت ايندڙ مهيني پنهنجو مدو پورو ڪندي، آئينده جيڪا به حڪومت ايندي اها تعليم جي ??ستي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه اچڻ ڏئي، جيڪڏهن نواز شريف جي قيادت ۾ اسان کي موقعو مليو ته قوم سان اهو واعدو آهي ته تعليم جي ميدان ۾ 2011ع ۾ جيڪو انقلاب شروع ڪيو هو ان کي پڄاڻي تي پهچائينداسين ۽ هر شاگرد کي ليپ ٽاپ ڏينداسين. مسلمان معياري تعليمي ادارا نه هئڻ سبب تعليمي ميدان ۾ پٺتي رهجي ويا. مسلمان پنهنجي ??لم عيوض ماضي ۾ دنيا تي حاوي هئا، تعليم ۾ ترقي جو راز لڪيل آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان اسان معاهدو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ رپيو مستحڪم ٿيو جنهن سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو، معيشت مضبوط ٿيندي ته قرض نه وٺڻا پوندا، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل سميت هر شعبي ۾ ترقي لاءِ بنيادي شرط محنت آهي، وزيراعظم ان موقعي تي شاگردن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهايا.