اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آ??ي ته ملڪي روانگ?? واپار جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪابينا کان منظور ڪيل اي ڪامرس پاليسي ۽ نيشنل ٽيرف پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن پاليسي تي عملدرآمد ٿئي ۽ ان جي ثمرن کان ڪاروباري برادري فائدو کڻي. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته روانگ?? واپار وڌائڻ جي ڏس ۾ هدف مقرر ڪيا وڃن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ڪردار جو تعين ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامرس ڊويزن جي ڪارڪرد??ي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.