ڊ??ره غازي خان – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ضروري دوائن جي ملڪ ۾ آساني سان دستيابي ۽ عوام کي مناسب قيمت تي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي کي مڪمل ط??ر تي متحرڪ ۽ فعال بڻائڻ جي ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي، افرادي قوت کي ترجيحي بنيادن تي پورو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن ڊ??ره غازي خان ۾ سينٽرل ڪنٽرول روم ۾ ايران مان آيل زائرين جي لاءِ قرنطينه ۾ ڪيل انتظامن ۽ قرنطينه مرڪز ۾ زائرين کان انهن جي خيريت معلوم ڪرڻ کانپوءِ پنجاب صو??ي ۾ ڪرونا وائرس جي صو??تحال جي حوالي سان ا??لاس جي صدارت ڪندي چئي.