اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگ??ر ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان لاڪ ڊائون ۾ نرمي عوام جي زندگين ۾ آساني، ضرورت جي شين جي وقت سر فراهمي ۽ ٻين سهولتن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪئي آه??، ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ڪورونا جو چئلينج ختم ٿي ويو آه??، ان وبا خلاف ج??گ جاري آه??، اس??ن کي پاڻ کي به محفوظ رکڻو آهي ۽ ٻين کي به بچائڻو آهي.