پشاور – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي آر ٽي منصوبي جي شروع ٿيڻ سا?? عام ماڻهو ??ي زندگي ۾ انقلاب ايندو ۽ اهو منصوبو پشاور جي شهرين جي لاءِ نعمت ث??بت ٿيندو، هائبرڊ بسن جي استعمال سا?? ماحولياتي آلودگي ۾ به گهٽتائي ٿيندي ۽ عوام کي بهترين سفري سهولتون ملنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي آر ٽي منصوبي تي ڳا??هائيندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق قادري، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر مشتاق سميت چونڊيل نمائندا ۽ سرڪاري عملدارن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تي وڏي وزير محمود ان ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته هي ميٽرو بس جو بهترين منصوبو آهي ۽ معيار جي لحاظ کان به اعليٰ ۽ ٿرڊ جنريشن منصوبو آهي. هن چيو ته ان جا اثر پشاور جي ترقي تي پوندا. هن چيو ته ماڻهن کي پشاور جي مين رستي تي رش جي ڪري ڪلاڪ جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو هو. بي آر ٽي ذريعي پشاور جي عوام کي بهترين سفري سهولتون ملنديون. هن چيو ته 27 ڪلوميٽر جي ان بس ٽريڪ جي ڪري رستن تي ٽريفڪ دٻاءُ به گهٽ ٿيندو. هن چيو ته هي جديد ٽرانسپورٽ سسٽم آهي. مون کي ان ??وا??ي سا?? ڪجهه خدشا هئا پر پرويز خٽڪ جيڪو ان وقت وڏو وزير هو هو ??ن منصوبي جي حق ۾ دليل ڏيندو هو. ث??بت ٿيو ته سندس راءِ صحيح هئي، آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سا?? مزدور، پورهيت ۽ عام ماڻهو ??ي زندگي ۾ انقلاب ايندو.