اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن ۾ ڇا??يءَ جي ڪينسر جي تشخيص ۾ دير هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي، ان حوالي سان ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ڇا??يءَ جي ڪينسر کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم احتياطي تدبيرون عورتن جي لاءِ هڪ سادو پيغام آهي، اُهو اِهو ته پنهنجي ڇا??يءَ جو پاڻ معائنو ڪن ?? جيڪڏهن ڪا مشڪوڪ سوڄ آهي ته ان جي وڌيڪ تشخي?? ڪرائين.