اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسان کي ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجي سوچ بدلائي انفراديت بدران اجتماعيت کي اختيار ڪندي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪي ماڻهو قومي سوچ رکندا آهن ۽ قوم جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي خواهشمند هوندا آهن الله تعاليٰ انه?? جي مدد ڪندو آهي ۽ انه?? جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندو آهي. هن اهڙن خيالن جو ا??هار اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ باچ??خا?? ميڊيڪل ڪامپليڪس ۽ گجو خان ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل اينڊ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڊاڪٽر فصيح الزمان کي 23.09 ملي?? جي لاڳت جون ٽي ايمبولينسز عطيه ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.