اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته اٽي، کنڊ جهڙين بنيادي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مستحق ۽ غريب ماڻهن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏيڻ جي لاءِ پروگرام جوڙيو پيو وڃي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿئي، ڪڻڪ جي ضرور??ن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ماضي مان سبق سکندي اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، کاڄرو تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ ٻين شين تي لاڳو هر ٽيڪس جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن جيستائين ممڪن ٿي سگهي ٽيڪسن جي بار ۾ گهٽتائي آڻي عوام کي ريليف ڏنو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ضرورت جي شين جي قيمتن جي حوالي سا?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سيد فخر امام، اسد عمر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص معاونين نديم بابر، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، ??نج??ب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي جڏهن ته ??نج??ب جي ناڻي واري وزير مخدوم هاشم جوان بخت ۽ ??نج??ب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزي??اع??م کي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار، کپت ۽ ضرور??ن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ۽ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيم??ن کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ قيمتن جي حوالي سان وزي??اع??م کي آگاهه ڪيو. وزي??اع??م جي هدايتن موجب کاڄرو تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ گئس جي قيمتن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو. چيف سيڪريٽرين صوبن ۾ ڪڻڪ جي ضرور??ن کي پورو ڪرڻ خاص طور تي رمضان مهيني ۾ عوام کي رمضان بازارن ۽ ٻين انتظامن ذريعي سستي اٽي جي فراهمي جي حوالي سان انتظامن بابت بريفنگ ڏني. وزي??اع??م اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اٽي، کنڊ جهڙين بنيادي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزي??اع??م چيو ته بنيادي ضرورت جي شين جي ڏس ۾ مستحق ۽ غريب ماڻهن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏيڻ جي حوالي سان پروگرام جوڙيو پيو وڃي جنهن سان نه رڳو حڪومت پاران فراهم ڪيل سبسڊي سڌوسنئون مستحق ماڻهن کي ملندي پر سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻائي سگهبو. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿئي. ڪڻڪ جي ضرور??ن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ماضي مان سبق سکندي اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي.