اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ماکيءَ جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار واري وزارت سٺي معيار جي ماکيءَ عالمي منڊين تائين پهچائڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ قدم کڻي، مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان مگس باني ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته پاڪستان ۾ ماکي جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ??رورت آهي. پاڪستان جي ??عليٰ معيار جي ماکيءَ کي عالمي منڊين ۾ موڪلڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ واپار واري وزارت قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جي ماکي جي پيداوار جي ??لاحيت موجود آهي. مگس باني جي ??عبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي جديد رخن تي تربيت جي ??رورت آهي. صدر عارف ع??وي چيو ته مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن. وفد صدر کي مگس باني جي ??عبي ۾ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو.