اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته حڪومت جي اصل ڪاميابي اها هوندي ته هن پنج سالن ۾ ڪيترن ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي، ماهي گيري جي شعبي ۾ تمام گهڻي سگهه آهي، سياحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ اسان جي قدمن سان عوام جون زندگيون بدليون وينديون، بئنڪ ننڍن ماڻهن کي قرض ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي اسٽاف کي تربيت ڏين، ان حوالي سان شڪايتن کي ختم ڪيو وڃي، آلودگي ۾ گهٽتائي جي لاءِ نوان ۽ ماڊل شهر ٺاهيندا??ين. سنڌ حڪومت سان گڏجي سمنڊ ۾ ڪچرو وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. عام ماڻهن کي گهرن جي فراهمي لاءِ ماضي ۾ ڪنهن حڪومت نه سوچيو، ڪراچي جي 40 سيڪڙو ڪچي آبادين جي مسئلو به حل ڪندا??ين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامياب جوان ??رو??رام تحت ماهي گيرن کي بااختيار بڻائڻ جي ??رو??رام تحت بحري معاملن جي وزارت ۽ چئن بئنڪن جي وچ ۾ ماهي گيرن کي قرضن جي فراهمي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار به موجود هو. وزيراعظم ان منصوبي تي بحري معاملن جي وزارت ۽ ڪامياب جوان ??رو??رام جي منتظيمن کي مبارڪباد ڏني، وزيراعظم چي?? ته اهو بهترين منصوبو آهي جنهن جي ذريعي ماهي گيرن کي زندگي کي بدلائي سگهجي ٿو، هن چي?? ته اهو ??رو??رام اسان جي نظريي موجب آهي، اسان جي تحريڪ کي 25 سال ٿي رهيا آهن، اسان جي ڪاميابي اها هوندي ته اسان وڌ کان وڌ ماڻهن کي غربت مان ڪڍون، وزيراعظم چي?? ته يو اين ڊي پي جي رپورٽ موجب خيبرپختونخوا جو ماضي ۾ دهشتگردي جي ڪري پوئتي رهجي ويو هو، مون 2013ع کان 2018ع تائين غربت ۾ سڀ کان وڌيڪ گهٽتائي ڪئي ۽ امير ۽ غريب جو فرق گهٽ ٿيو، عام ماڻهو جون حالتون بهتر ٿيون آهن، وزيراعظم چي?? ته پنج سالن کانپوءِ اسان جي اصل ڪاميابي اهو هوندي ته اسان ڪيترن ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، وزيراعظم چي?? ته ماهي گير مشڪل حالتن ۾ زندگي گذاريندا آهن، ڪيترائي ڀيرا کين ڏهاڙي نه لڳڻ جي ڪري بکيو سمهڻو پوندو آهي، هن چي?? ته چئن وڏين بئنڪن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن ان ??رو??رام لاءِ سهڪار ڪيو. وزيراعظم چي?? ته بئنڪن جو معيشت کي مٿي کڻڻ لاءِ وڏو اهم ڪردار هوندو آهي، هن چي?? ته بئنڪن کي ننڍي ڪاروباري طبقي کي قرض ڏيڻ گهرجن. ان سان ڪاروبار کي فروغ ملندو ۽ معيشت مٿي ايندي.