اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) ناڻي و??ري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته حڪومت غريب ۽ پگهاردار طبقي تي بار نه وڌائيندي، روانگي ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ جامع منصوبابندي سان اڳتي وڌينداسين، حڪومت ڪووڊ 19 جي حوالي سان دانشمند پاليسيون اختيار ڪيون ۽ ڪورونا وائرس جا اثر گهٽ ڪرڻ يا ختم ڪرڻ طرف وڌي ميگا اقتصادي پيڪيج تحت خصوصي رعايتن سان وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 9 سيڪڙو ۽ زراعت ۾ 2.77 سيڪڙو وڌي. ڪڻڪ، چانور، مڪئي ۽ ڪمنڊ جا بمپر پيداوار حاصل ٿيا، مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ناڻي جي اؤسر و??ري شرح جي مد ۾ 26 ارب ڊالر حاصل ٿيا ۽ سال جي پڄاڻيءَ تي 29 ارب ڊالر ٿي ويا. ناڻي اؤسر و??ري شرح ۾ واڌ وزيراعظم عمران خان جي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اعتماد جو مظهر آهي، ايندڙ مالي سال لاءِ محصولن جو هدف 5800 ارب رپيا رکيو پيو وڃي، گردشي قرضن جي خاتمي جي لاءِ قدم کنيا پي?? وڃن. گذريل ڏينهن قومي اقتصادي سروي 21-2020ع ج??ري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، واپار و??ري صلاحڪ??ر عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ روينيو بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي و??ري وفاقي وزير چيو ته موجوده مالي سال جڏهن شروع ٿيو ته ڪووڊ 19 جي وبا جي پهرين لهر پکڙي هئي، حڪومت ڪووڊ 19 جي حوالي سان دانشمنداڻيون پاليسيون اختيار ڪيون ۽ ڪورونا وائرس جا اثر گهٽ ڪرڻ ڏانهن وِک وڌائي، سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان فيصلو دانشمنداڻو ثابت ٿيو، حڪومت مالياتي ۽ زري ??نيادن تي پڻ فيصلا ڪيا. وزيراعظم پنهنجي ڪوششن سان هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي لاءِ خاص رعايتي پيڪيج ڏنا، ان سلسلي ۾ بين الاقوامي مالياتي فنڊ کان خاص رعايتون حاصل ڪيون ويون، شهرين کي ويڪسين جي فراهميءَ جو عمل شروع ڪيو ويو، اين سي او سي جو قيام هڪ وڏو قدم هو، جنهن جي مؤثر نگرانيءَ ۾ ڪووڊ 19 تي قابو پائڻ ۾ مدد ملي آهي. ناڻي و??ري وفاقي وزير چيو ته ڪووڊ 19 جي پهرين لهر ۽ لاڪ ڊائون سان ڪم ڪندڙ 5 ڪروڙ 60 لک ماڻهن جي تعداد گهٽ ٿي ڪري 3 ڪروڙ 50 لک جي سطح تي اچي ويو، يعني 2 ڪروڙ ماڻهو جن مان اڪثر ڏهاڙي دار، ذاتي روزگار و??ري آبادي شامل هئي بيروزگار ٿي کين ڪو ڪم نه ملي رهيو هو. وزيراعظم ان سلسلي ۾ دانشمنداڻيون پاليسيون اختيار ڪيون، ان جي نتيجي ۾ گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو تعداد ٻيهر وڌي 5 ڪروڙ 30 لک ٿي ويو، معيشت بحال ٿي ۽ اؤسر طرف گامزن ٿي. ناڻي و??ري وفاقي وزير چيو ته سال جي شروعات ۾ ناڻي و??ري اؤسر جي شرح 2.8 سيڪڙو لڳايو ويو. آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ ان کان گهٽ اؤسر جي اندازو لڳائي رهيا هئا جڏهن ته حڪومت انساني زندگين جي تحفظ ۽ ڪاروبار جي حوالي سان جيڪي فيصلا ڪيا انهن جا بهتر نتيجا سامهون آيا، حڪومت ميگا اقتصادي پيڪيج تحت مينوفيڪچرنگ، ٽيڪسٽائل، تعميرات ۽ زراعت لاءِ خصوصي رعايتن جو اعلان ڪيو.