اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ملڪن جي پارلياماني اسيمبل?? جي ٻي ڪانفرنس جو ”اسلام آباد پڌرنامو“ جاري ڪيو وي?? جنهن ۾ محڪوم ڪشميري ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي ??و اظهار ڪندي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي آهي جڏهن ته هڪطرفي اقتصادي پابندين ۽ علائقائي حدن کان مٿانهين سياسي دٻاءُ کي هٿيار طور استعمال کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏيندي ان کان متاثر اي سي او ميمبر ملڪن کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي وئي آهي. علائقائي واپار ۽ رابطن جو فروغ تي جاري ٿيندڙ اسلام آباد پڌرنامي ۾ چيو وي?? آهي ته پائيڪ?? جي پارليامينٽن جي سربراهن (اسپيڪر چيئرپرسنز صدرن) اسلام آباد ۾ پهرين کان 2 جون 2021ع تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي قومي اسيمبل?? جي ميزباني ۾ پائيڪ?? جي ٻي جنرل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي وسيع البنياد مقصدن جي حمايت جي لاءِ پائيڪ?? جي اهميت تي زور ڏنو جنهن جو مقصد ميمبر رياستن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي.