اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ مو?? سون وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو. مو?? سون وڻڪاري مهم 2021ع تحت ايوان صدر جي اڱڻ ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا لڳايا و??ند??. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان مو??عي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته نوجوان وڌ کان وڌ وڻ لڳائي پاڪستان کي ??اف ۽ شاداب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته نوجوان نسل ملڪ جي قدرتي حسن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ون لڳائي ڇو ته موسمياتي تبديلي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ، ايندڙ نسلن کي ??اف ۽ صحتمند ماحول ڏيڻ جي لاءِ وڻ ضروري آهن. هن چيو ته پاڪستان کي تمام گهڻي خوبصورتي ۽ قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي، نوجوان نسل پنهنجي ڀرپاسي کي ??اف سٿرو ۽ سرسبز رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي اترين علائقن جي خوبصورت جاين طرف لکين سياح متوجه ٿيا آهن پر سياحن کي ماحول ??اف رکڻ، آلودگي پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ماحولياتي نظام کي موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻيلن جي واڍيءَ جي ڪري خطرا درپيش آهن. صدر چيو ته ملڪ ۾ ٻيلن ۾ اضافي جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهڙڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهي آهي. ان مو??عي تي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم صدر کي مو?? سون وڻڪاري بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌ??يو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم تحت سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا و??ند?? جڏهن ته 10 ارب ٽري سونامي جي پهرين مرحلي ۾ 2018ع کان 2023ع تائين 3.296 ارب وڻ لڳايا و??ند??. ملڪ امين اسلم چيو ته وڻڪاري مهم سان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن ۾ اضافي ۽ گلوبل وارمنگ جا اثر گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.