اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ايٽمي ملڪ آهي ان جو نه رڳو خطي پر عالم اسلام ۾ هڪ اهم مقام آهي، سي پيڪ ڀارت ک?? کٽڪي ٿو، پاڪستان جي بهتري ۽ ترقي جي هر منصوبي ۾ ملڪ دشمن قوتون ٽنگ اڙائي رهيون آهن، انهن کي گڏ??ي ن??ڪا?? بڻائڻو پوندو، وزيراعظم عمران خان انغانستان ۾ پرامن سياسي مفاهمت لاءِ ڪردار جاري رکيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته امن کي موقعو ملي، پاڪستان ڪنهن جنگ يا انتشار جو حصو نٿو بڻجڻ چاهي. هو اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ مختلف فرقن جي وچ ۾رابطن جي حوالي سان فڪري ويهڪ کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل بين المذاهمب اتحاد رابطا مضبوط ڪرڻ، ديني معاملن ۽ ان سان جڙيل معاشرتي رخن تي پوري قوم جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. قومي سطح تي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل کان بهترين رهنمائي ملي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن ماڻهن کي آزاد راءِ جو حق ڏي ٿو، ان سان گڏ اسان جا ڪجهه پيراميٽرز به موجود آهن ان تي عملدرآمد ذميداري جو رخ آهي، ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي انهن رخن کي اجاگر ڪندا آهن جيڪي فالٽ لائنز آهن ان سان اسان جي دشمن کي فائدو پهچندو آهي. هن چيو ته تازن ڏينهن ۾ يورپين ڊس الفوليب تحت معلوم ٿيو ته ڀارت مختلف ويب سائٽس، سوشل ميڊيا تي اڪائونٽس تان جعلي خبرن جي ذريعي پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيو هو، اڄ جو دورو انفارميشن جو دور آهي، اڄ جو دور ففت جنريشن وار ۽ وار اف اوپنين جو دور آهي، ان ۾ سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙ عالمن جي ذميداري وڌي وي??دي آهي ته، علماءُ ممبر، محراب، ديني ۽ معاشرتي سطح تي عوام سان رابطي ۾ رهندا آهن، ماڻهو مختلف ڪمن ۽ مسئلن تي انهن کان رهنمائي چاهيندا آهن، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي جيڪڏهن انفرادي سطح تي اهڙي وڊيو اپ لوڊ ۽ وائرل ٿي وي??دي آهي جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي??دي آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو ڪم ڪندڙ جي سوچ ۽ فڪر جو اهو معيار نه آهي ته هو ان ??ي نتيجن تي غور ۽ فڪر ڪري سگهي پر هو ايئن کي ان کي اڳتي وڌائيندا آهن ۽ ان سان معاشري ۾ نفرت وڌ??دي آهي ۽ فرقيواريت کي هوا مل??دي آهي. هن چيو ته دنيا پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪ??دي آهي، تازن ڏينهن ۾ پاڪستان افغانستان ۾ امن عمل ۾ مثبت ڪردار جار رکيو، وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ پرامن سياسي مفاهمت لاءِ ڪردار جاري رکيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته امن کي موقعو ملي، پاڪستان ڪنهن جنگ يا ڇڪتاڻ جو حصو نٿو بڻجڻ چاهي، هن چيو ته سي پيڪ اهڙو منصوبو آهي جنهن جي پنهنجي اهميت آهي، پاڪ چين دوستي تمام گهڻي گهري آهي، ٻئي پاڙيسري ۽ دوست ملڪ مشڪل وقتن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، انفرااسٽرڪچر، سماجي ترقي سميت هر شعبي ۾ چين جو تعاون حاصل آهي، هن چيو ته سي پيڪ اسان جو دشمن ملڪ ڀارت ک?? کٽڪندو آهي، اتحاد ۽ مضبوطي جي ذريعي اسان انتشار جو گلو دٻائڻو آهي، ملڪ ۾ امن ۽ قومي سلامتي جي معاملن تي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو آهي، ڪنهن به ناسمجهه يا گهٽ عقل کي موقعو ناهي ڏيڻو ته هو سمجه??دي يا ناسمجه??دي دشمن جو سهولتڪار بڻي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي اختلافن کي ملڪ دشمن قوتن استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي پهرين اسان ن??ڪا?? بڻايو ۽ ايئن ئي آئنده به اهڙي مذموم ڪوششن کي ن??ڪا?? بڻائڻو آهي، هن چيو ته جهڙي طرح پاڪستان گذريل سال ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود جي ڊي پي 4 سيڪڙو رکيو ۽ 29 ار?? روپين جي مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان آيو، جولاءِ ۾ اسان اڍائي ار?? ڊالر جو روانگي واپار ڪيو آهي، روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو ته معاشي طور تي مستحڪم ٿينداسين، هن چيو ته پيغام پاڪستان تي 1800 کان وڌيڪ عالمن، مفتين جون صحيحون آهن، انهي سوچ ۽ عمل کي اڳتي وٺي هلڻو آهي.