اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غير جانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان ۾ موجود غير ملڪي صحافين کي ڪڍڻ ج?? حوالي سان کنيل قدمن لاءِ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نش??يات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، اطلاعات واري سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير وزيراعظم کي افغانستان ۾ موجود صحافي?? جي نڪرڻ ج?? حوالي سان اطلاعات واري وزارت جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. غير ملڪي صحافي?? جي پاڪستان آمد ۽ انهن کي ويزه سميت ٻين سهولت?? جي فراهمي ج?? حوالي سان معاملن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني. اطلاعات واري وزير ٻڌايو ته افغانستا?? جي صورتحال جي پيش نظر صحافي?? جي سهولت لاءِ اطلاعات واري وزارت ۾ خصوصي سيل قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن مليل درخواستن تي فوري عملدرآم?? کي يقيني بڻائي سگهجي، وزيراعظم عالمي صحافي برادري جي سهولت خاطر اطلاعات واري وزارت خاص طور تي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي قدمن کي ساراهيو ۽ ميڊيا ج?? حوالي سان ٻين معاملن تي به خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غيرجانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.