اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي لاءِ انتهائي ضروري آهي، پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن. اهڙو اظهار هن پنهنجي چيني هم منصب وانگ زي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
پرڏيهي وزير چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي لاءِ انتهائي ضروري آهي، ان جي روشني ۾ پاڪستان افغان امن عمل جي پرعزم حمايت ڪئي. هن پاڪستان ۽ چين ٽرائيڪا پلس جو حصو هوندي امن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. پرڏيهي وزير افغانستان جي صورتحال ۽ آئينده جي لائحه عمل جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ رٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت چيني هم منصب کي آگاهه ڪيو. موجوده صورتحال ۾ نهايت ضروري آهي ته افغان عوام ۽ ان جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻ??يو وڃي.
پرڏيهي وزير زور ڀريو ته افغانستان جو جامع سياسي تصفيه ضروري آهي جنهن جي لاءِ سمورن افغانين کي ملي ڪم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته عا??مي برادري طرفان افغان عوام جي حمايت جاري رکڻ اڻ??ر آهي، پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي هن ڳالهه تي زور ڀريو ته عا??مي برادري کي افغانستان جي مسلسل معاشي معاونت برقرار رکڻي پوندي. پرڏيهي وزير پنهنجي چيني هم منصب کي افغانستان مان مختلف ??لڪ?? جي سفارتي ۽ عا??مي ادارن جي عملي، ميڊيا ۽ ٻين ما??هن جي نيڪالي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين لوهي ڀائر ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهن. هن چيو ته ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ گڏيل مفادن ۽ اهميت جي معاملن تي ويجها رابطا ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ جي روايت موجود آهي. پرڏيهي وزير چيني پرڏيهي وزير کي افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي علائقائي اتفاق راءِ جي حاصلات لاءِ پنهنجي متوقع دورن کان تفصيلي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي ۽ اسٽيٽ قائونصلر زانگ وي گڏيل مقصدن خاص ڪري افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.