اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير فرخ حبيب ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل کي وڌيڪ 5 سالن جي لاءِ واپڊا چيئرمين مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻي ذخيرن جي منصوبن تي گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي، پاڻي ذخيرن جي مختلف م??صوبن تي واپڊا ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪي – 4 منصوبي جو ٽاسڪ واپڊا کي ڏنو آهي. هن چيو ته پاڻي ذخيرن جا 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو، انهن منصوبن سان سس??ي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 مي??اواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته 70 سالن ۾ جيترو پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ زمين کي سيراب ڪرڻ جا منصوبا لڳايا ويا، 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ا??هن 10 پاڻي ذخيرن جي مڪمل ٿيڻ سان ذخيرو ٿي سگهندو.