اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڀڳوڙن ۽ ڪرپشن جي بي تاج بادشاهن جا ترجمان ڪوڙ جي مقابلي ۾ هڪٻئي تي برتري حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آهن، قومي خزاني کي بي دردي سان لٽڻ، مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس انهن جو شيوو آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومت جي دور ۾ ٽي ڀيرا ملڪ ڏيوالي ٿيڻ جي چائنٺ تي پهتو، ??اه??ين ملڪ قرضن جو بنياد به ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي رکيو، هميشه چور رستي تان اقتدار جي عادت، ٺپا لڳائڻ، ٺپا چوري ڪرڻ ۽ چونڊ عملي کي اغوا ڪرڻ وارن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو نظام ڀ??ئي?? نٿو پوي. مريم اورنگزيب ۽ شي??ي رحمان جي بيانن تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 40 هزار ڊونرز جي ڊيٽا ۽ 16 واليم جمع ڪرايا، پنجن سالن کان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي فارن اڪائونٽس ت??ئي?? پهچ ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي، قوي امڪان آهي ته انهن ٻنهي پارٽين پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو هوندو ان لاءِ اسان کي پهچ نه ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پي ايم ڊي اي تي س??ني لاڳاپيل ??ري?? جا خدشا ختم ڪنداسين، ماضي ۾ بنا ڪنهن مشاورت جي رات پيٽ ۾ قانون ٺهي ويندا هئا، اسان قانون ٺاهڻ کان پهرين لاڳاپيل ??ري?? سان مشاورت جو بنياد رکيو آهي.