اسلام ??با?? – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ ڇنڇر ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي متحده عرب ام??رات روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب دوري دوران صدر متحده عرب ام??رات جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪس??ان پويلين جو باضابطه افتتاح ڪندو. يو اي اي ۾ پنهنجي قيام دوران صدر عارف علوي مشهور واپارين، سيڙپڪارن، آءِ ٽي ڪمپنين جي سينئر اڳواڻن ۽ ميڊيا نمائندن سان به ملاقات ۽ متحده عرب ام??رات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن به ڳالهه ٻولهه ڪندو، اهو دورو پاڪس??ان ۽ متحده عرب ام??رات جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان ٿي رهيو آهي. دبئي ايڪسپو 2020ع خطي جي سڀ کان وڏي ۽ قسمين قسمين جي نمائش آهي جنهن ۾ 192 ملڪن، گهڻ رخي تنظيمون ۽ ڪاروباري ادارا شرڪ?? ڪري رهيا آهن. ايڪسپو پهرين آڪٽوبر تي شروع ٿي ۽ 31 مارچ 2022ع تائين جاري رهندي، ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪس??ان پويلين ايڪسپو سائٽ جي اهم ترين علائقن ۾ واقع آهي ۽ ان کي ملڪ کان ٻاهر پاڪس??ان جو سڀ کان وڏو پويلين سمجهيو ويندو آهي، پاڪس??ان ۽ متحده عرب ام??رات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافتي وابستگين جي مستحڪم بنيادن تي هموار آهن. متحده عرب ام??رات وچ اوڀر ۾ پاڪس??ان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي. متحده عرب ام??رات تعليم، صحت، توانائي جي شعبن ۾ پاڪس??ان جي اهم ترقياتي حصيدارن ۾ شامل آهي.