??سل??م آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته س??ڌ ۾ مسلسل 13 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي جيڪا عوام کي صحت ڪارڊ تائين نه ڏئي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير چيو ته س??ڌ ۾ مسلسل 13 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي جيڪا نه عوام کي صحت ڪارڊ نه ڏئي سگهي ۽ نه ئي راشن سپورٽ پروگرام ۾ پ??هنجو حصو وجهي رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪ??مير جون حڪومتون عوام کي صحت ڪارڊ ڏئي رهيون آهن ان کانسواءِ راشن سپورٽ پروگرام ۾ پڻ 65 سيڪڙو حصو وجهي رهيون آهن.