اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ادارن ۾ سمنڊ پار پاڪست??ني?? جي لاءِ سهولتڪار آفيسرن جي مقرري ۽ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيسڪ قا??م ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري بيان مجب حڪومت سمنڊ پار پاڪست??ني?? کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کنيو آهي، وزيراعظم وفاقي ادارن ۾ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 39 وفاقي ڊويزنز ۾ اوورسيز پاڪست??ني?? جي لاءِ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪيا وڃن، وزيراعظم 13 وزارتن جي 34 ذيلي ادارن ۾ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيڪس قا??م ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم جي هداي تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ لاڳاپ??ل وزارتن کي ان سلسلي ۾ هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سهولتڪار آفيسر گريڊ 19 کان گهٽ جا نه هوندا ۽ وزارتون سهولتڪار آفيسرن جي مقرري کي نوٽيفائي ڪنديون. خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته مخصوص سيڪشن ۽ ڊيسڪ قا??م ڪرڻ جو پڻ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ وفاقي ادارا سهولت جي فراهمي بابت آگاهي جي لاءِ پرڏيهي وزارت، سمنڊ پار پاڪست??ني?? واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت کي معلومات فراهم ڪن، ان قدم جو مقصد سمنڊ پار پاڪست??ني?? کي آفيسن ۾ درپيش مسئلن جو ازالو ڪرڻ آهي. وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سموريون ڊويزنز 13 ڏينهن ۾ ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ ڏين، ان قدم سان سمنڊ پار پاڪست??ني?? جي لاءِ خدمتن جي فراهمي ۽ ٻين معاملن بابت آگاهي ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزارت، اوورسيز پاڪست??ني?? واري وزارت ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پنهنجي طور تي به سهولت جي آگاهي ڏينديون.