فيصل آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته حڪومت احساس پروگرام جي لاءِ 250 ارب رپيا رکيا آهن، اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون ??يو?? وڃن، ملڪي ترقي جي لاءِ عورتن جو پڙهيل لکيل هجڻ ضروري آهي، چاهيون ٿا ته پڙهي لکي عورتون قومي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حب??ب رحمت للعالمين ﷺ اسڪالرشپ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون ??يو?? وڃن، اسان چاهيون ٿا ته مردن وانگر عورتون پڙهي لکي ق??مي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته سمورا تعليمي وظيفا ميرٽ تي ڏنا پيا وڃن، اسڪلز فار آل تحت سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي فني تربيت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دو?? ۾ ??ءِ ٽي جي روانگي واپا?? ۾ ??ضافو ٿيو آهي. فرخ حب??ب چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار جي لاءِ نوجوانن کي قرض ڏنا پيا وڃن ۽ نوجوان بنا گارنٽي جي 10 لک تائين جو قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام جي لاءِ 100 ارب رپيا رکيا آهن، ان پروگرام تحت 28000 ماڻهن کي اربين رپين جا قرض جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوان گهر ويٺي روزگار حاصل ڪري سگهن ٿا. فرخ حب??ب چيو ته موجوده حڪومت جي دو?? ۾ ??ءِ ٽي جو روانگي واپار 2 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، عورتن جو مجموعي ملڪي ترقي ۾ بنيادي ڪردار آهي.