اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرڏيهي ڪاروباري ادارن تي پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته زراعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن، نامز?? سفير پنهنجي ملڪن جي ڪاروباري ادا??ن کي سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل ??رف متوجهه ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان، ناروي، پولينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي نامز?? سفير سان ڳالهائيندي ڪيو. جاپان جي نامز?? سفير مٽسوهيروواڊا،ناروي جي نامز?? سفير پير البرٽ لساس، پولينڊ جي نامز?? سفير ماسيج پسارسڪي ۽ ڪمبوڊيا جي غير مقيم نامز?? سفير انگ سين صدر مملڪت کي تقريب ۾ پنهنجون پنهنجون سندون پيش ڪيون.ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان دوست ملڪن سان ٻطرفي واپار ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، دوست ملڪن سان واپار کي ان جي مڪمل صلاحيت تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت اهي، هن چيو ته غير ملڪي ڪاروباري ادارا پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. صدر چيو ته نامز?? سفير پنهنجي ملڪ جي ڪاروباري ادا??ن کي سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل ??رف متوجهه ڪن. هن سفي??ن کي پاڪستان جي ڪورونا جي خلاف سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪامياب حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. صدر افغانستان ۾ انساني امداد جي فراهمي تي به زور ڏنو. صدر نامز?? سفي??ن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سفير سياسي، تجارتي، سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.