اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي متحده عرب ??مارات جي 50 هين سالگرهه تي ان جي قيادت ۽ عوام کي پاڪستان جي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام پاران دل جي گهراين سان ??ب??رڪ??اد ڏني آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته متحده عرب ??مارات جي سياسي قيادت اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي جون مثالي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان ??و اي اي جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته خطي جي ترقي معاشي خوشحالي ۽ امن ج?? فروغ اسان جو گڏيل ويزن آهي. پاڪستان ۽ متحده عرب ??مارات جا ڀائراڻا لاڳاپا ڊگهي مدي واري تعاون تي ٻڌل آهن. ڀائيچاري ۽ اعتماد جو رشتو گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي رابطن جي ڪري وڌيڪ مستحق ٿي رهيو آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته عالمي فورمن تي مثالي تعاون پاڪستان ۽ متحده عرب ??مارات جي وچ ۾ اعتماد ۽ احترام کي ظاهر ڪري ٿو. اسان کي انهن لاڳاپن ۽ ڀائيچاري جي فضا کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطح تي وفدن جي مٽاس??ا ۾ تيزي آڻڻ ۽ واپاري سرگرمين کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، محمد صادق سنجراڻي چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري چرپر جي ذريعي ٻنهي طرفن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب ??مارات جي دوستي وقت جي هر امتحان تي پوري لٿي، متحده عرب ??مارات ۽ پاڪستان جي لاءِ نئين ڪاميابين ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان – متحده عرب ??مارات دوستي زنده باد.