فيصل آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي 18 کان 35 سالن جي نوجوانن تي مشتمل آهي ۽ نوجوان ??اڪستان جو قيمتي اثاثو آهي جنهن جو تعداد 12 ڪروڙ آهي ۽ اهو طبقو ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، پر ان ??اءِ اسان ??ٽ وڏا خواب ۽ مقصد هجڻ گهرجن جيڪي يوٿ کي وڏو ليڊر ۽ تاريخ ۾ نالو لکرائڻ ۾ مددگار ٿي سگهن. هو فاسٽ نيشنل يونيورسٽي چنيوٽ جي فيصل آباد ڪيمپس ۾ منعقد هڪ ٻن ڏينهن واري قومي پ??ڪستان آءِ ٽي پ??وفيشنلز ڪانفرنس کي ??طا?? ڪري رهيو هو جنهن جو انعقاد فاسٽ نيشنل يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس چيپٽر اي سي ايم ٽيڪنولينگز جي سهڪار سان ڪيو ويو هو. ان ??وقعي تي فاسٽ يونيورسٽي چنيوٽ فيصل آباد ڪيمپس جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شهزاد سرفراز، بي انگ گرو جو باني ۽ چيف ايگزيڪيٽو هشام سرور، دينه مينٽر جي ايف ايڪس عمران علي،ان ايبلرز جو باني ۽ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ثاقب اظهر، يوٿ ڪلب جو سي اي او راجا ضياءُ الحق ، نيويارڪ چيپٽر جو صدر عامر افتخار، ٽيلي مارٽ جو چيف ايگزيڪيٽو احمد رئوف عيسيٰ۽ آءِ ٽي جون مشهور شخصيتون به موجود هيون. مملڪتي وزير چيو ته اهو توهان تي منحصر آهي ته توهان جو خواب ڪيترو وڏو آهي ۽ ان تي توهان جو فوڪس ڪيترو آهي ڇو ته جيڪڏهن توهان جي اندر صلاحيت آهي ۽ جذبو نه آهي ته توهان ڪڏهن به وڏو انسان ??ٿا بڻجي سگهو ۽ ان ??اءِ توهان جي اندر خوف جو بت نه هجڻ گهرجي تنهن ڪري ڪاميابي جو پهريون ڏاڪو چڙهڻ لاءِ توهان ??نهنجي اندر مان ??اڪامي جو خوف ۽ مون جي بت کي ٽوڙڻو ۽ تڪبر بدران تحمل کي اختيار ڪرڻو آهي ڇو ته مون جو بت توهان کي ليڊر نه بڻجڻ ڏيندو ان ??اءِ توهان ??حنت نه ڇڏيو. هن چيو ته زندگي مسلسل جدوجهد جو نالو آهي ان ??اءِ جيڪڏهن اقبال جو شاهين بڻجڻو آهي ته محنت ڪرڻي پوندي ۽ خوف جي بت کي ٽوڙڻو پوندو پوءِ الله تعاليٰ جي مدد ايندي. هن چيو ته توهان جو آءِ ٽي جي فيلڊ سان تعلق آهي ان ??اءِ توهان کي گهرجي ته پاڻ پنهنجي ملڪ لاءِ ڪم ڪريون. هن چيو ته پاڪستان ??ٽ ايٽم بم ۽ دنيا جي بهترين فوج ۽ وسيلا موجود آهن، هن چيو ته گذريل 100 سان ۾ ڪورونا جهڙو وائرس اڄ تائين ناهي آيو جنهن سان ??وري دنيا تبديلي ٿي وئي ۽ ان سان ??اڪستان جي تعليم، معيشت سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ٿي، هن چيو ته جڏهن ڪورونا جي وبا آئي ته اسان ??ٽ ماسڪ به نه هو، پر اسان جي ٽئلينٽڊ صنعتي شعبي ايترا ماسڪ تيار ڪيا جو هاڻي اسان ان جي ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهن يعني ماسڪ مهانگو ٿيو تهپ اڪستان ۾ سستو ماسڪ بڻجڻ لڳو پوءِ اسان ??نهنجا وينٽي ليٽرز به تيار ڪري ورتا ان ??اءِ ضرورت کي ايجاد جي ماءُ چيو ويو آهي ڇو ته جيڪڏهن ضرورت نه پوي ها ته شايد اسان ان طرف ڌيان ??ه ڏيون ها. پوءِ اسان آن لائين اسڪول ايجوڪيشن شروع ڪري ڇڏي، ٽيلي ميڊيسن جو آغاز ڪيو ۽ ڪورونا کان بچاءُ جي حفاظتي لباس جي ڪٽس بڻجڻ شروع ٿي وئي، هن چيو ته پاڪستان ۽ پاڪستانين سدائين ملڪ وقت ۾ بهتر پرفارم ڪيو آهي، فرخ حبيب چيو ته عمران خان ??رڪ??ٽ جي ميدان ۾ آيو ته کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ته هو بهترين رانديگر نٿو بڻجي سگهي، پر هن بڻجي ڏيکاريو پوءِ چيو ويو ته هو بهترين بالر نٿو بڻجي سگهي پ?? هو بهترين بالر به بڻيو، پوءِ چيو ويو ته بهترين بيٽس مين نٿو بڻجي سگهي پ?? بهترين بيٽس مين بڻجي ڏيکاريو پوءِ چيو ويو ته هي ورلڊ چيمپئن نٿو بڻجي سگهي پ?? هو بهترين رولڊ چيمپئين به بڻجي ويو. هن چيو ته عمران خان ??يشن بلڊنگ جي ڳالهه ڪندو آهي هو چوندو آهي ته اسان کي ملڪ کي قرضن کان بچائڻو آهي ڇو ته اسان جي آمدني کان ??ڌيڪ خرچ آهن. هن چيو ته اسان جي آءِ ٽي جي ايڪسپورٽ 2 ارب ڊالر تائين وڃي چڪي آهي جنهن کي هن سال 3 ارب ڊالر تائين وٺي وڃبو اهڙي طرح اسان ڪامياب جوان ??روگرام تحت توهان ??وجوانن کي هڪ ملين کان ??ٺي 2 ڪروڙ روپين تائين تمام گهٽ انٽرسٽ ريٽ تي بئنڪن مان ??رض جي سهولت فراهم ڪئي جيڪا پاڪستاني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪڏهن نه ملي هئي تنهن ڪري ان رقم مان ??وجوان ??نهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته اسان 2 لک نوجوانن کي مختلف اسڪلز ۾ اڳتي وٺي وڃڻو آهي جنهن مان 25 هزار نوجوانن جي مختلف اسڪلز ۾ سرٽيفڪيشن ٿي چڪي آهي، هن چيو ته کيس پاڪستاني يوٿ تي فخر آهي. تقريب ۾ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي تعداد به موجود هئي، ڪانفرنس جي پڄاڻي تي مملڪتي وزير فرخ حبيب نم??يان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊز ۽ انعام به ورهايا جڏهن ته فاسٽ يونيورسٽي چنيوٽ فيصل آباد ڪيمپس جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شهزاد سرفراز مملڪتي وزير فرخ حبيب کي سو وينيئر به پيش ڪيو.