اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ينگ پارليامينٽرين ف??رم جي چونڊن ۾ ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري ۽ قومي اس??مبلي ميمبر مخدوم زين ق??يشي کي بنا مقابلي صدر، ڪنول شوذب (جنرل سيڪريٽري)، تاشفين صفدر (ميڊيا ڪوآرڊينيٽر)، رومينه خور??يد عالم (نائب صدر)، سيد مرتضيٰ محمود، (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ سيده نوشين افتخار کي ناڻي واري سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري فواقي وزير چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نوجوانن جي شموليت وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار سماجي ترقي لاءِ نوجوان ق??نونسازن جو ڪردار اڻٽر آهي، هن چيو ته ينگ پارليامينٽرين ف??رم نوجوان پارليامينٽرينز جي تربيت ۽ صلاحيتون پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم آهي، اميد آهي ته ينگ پارليامينٽرينز فورم جا نوان چونڊيل عهديدار ان ڏس ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندا، واضح رهي ته ينگ پارليامينٽرينز فورم جو پيٽرن ڊپٽي اس??يڪر قومي اس??مبلي قاسم خان سوري آهي، ينگ پارليامينٽرين ف??رم جون چونڊون سندس نگراني ۾ منعقد ٿيون.