اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت مل?? ۾ اقلي??ن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي، ڀارت جي ابتڙ پاڪستان ۾ اقلي??ن جي نمائندگي وڌيڪ آهي ۽ اقليتن کي وڌيڪ حق ڏنا ويا آهن. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ اقليتي ميمبر لال چند مالهي جي قيادت ۾ اقلي??ن جي وفد سان ڪراچي جي گورنر هائ??س ۾ ملاقات دوران چئي. صدر چيو ته سنڌ صوبو مذهبي هم آهنگي ۽ برداشت جي حوالي سان ڊگهي تاريخ جو امين آهي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح سدائين مل?? جي سمورن شهرين جي عقيدي ۽ مسلڪ کان مٿانهون هڪ جهڙن حقن جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته حڪومت مل?? ۾ مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ ڪيترائي قدم کن??ا آهن، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ٺٽي ۾ هندومت ۽ ٻڌمت جا تاريخي مذهبي آثار آهن ۽ انهن علائقن ۾ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان جي ترقي ۾ اقلي??ن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو.