اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري ??هيا آهيون، سيڙپڪاري ??ي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سموريون رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري ??هيا آهيون، صنعتي ترقي کانس??اء?? ملڪ ترقي نٿو ڪري ??گهي، ملڪ ۾ زرعي شعبي جي ترقي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا بزنس انويسٽمينٽ فورم جي آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن، پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪ چائنا بزنس انويسٽمينٽ فورم شروع ڪرڻ بابت دستاويزن جي به مٽاسٽا ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته تقريب ۾ شرڪت تي سڀني کي ڀليڪار چوان ٿو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ڪاروباري ??رادري ??ون تجويزون گهربل آهن، ان فورم جي قيام سان حڪومت کي واپار ۽ ڪاروبار بابت مسئلن کي ڄاڻڻ ۽ حل ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته چين جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري ??هيا آهيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدن تي عملدرآمد ۾ تيزي آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سيڙپڪاري لاءِ وقت گهڻو اهم هوندو آهي، ڪوشش آهي ته سيڙپڪاري ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. روا??گي واپار وڌائڻ کانس??اء?? ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ملڪي ترقي صنعتي ترقي سان جڙيل آهي. روا??گي واپار کي فروغ ۽ صنعتن کي فروغ ڏيڻ کانس??اء?? ملڪ ترقي نٿو ڪري ??گهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي انقلاب مان فائدو کڻڻو آهي. گذريل سال آءِ ٽي جي شعبي ۾ مراعتون ڏنيون ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جو روا??گي واپار ٻيڻو ٿي ويو. چين ٽيڪنالاجي جي ڪري ??رقي ڪئي. چين ۽ ترڪي جهڙن ملڪن روا??گي واپار جي فروغ کي ترجيح ڏني. ان سان انهن ملڪن ترقي ڪئي ۽ انهن جو زندگي جو معيار بلند ٿيو. وزيراعظم چيو ته چين سان اسان جي دوستي 70 سالن تي ٻڌل آهي، چين هر مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستاني معيشت ڪورونا کانپوءِ گهڻو تيزي سان بحال ٿي. اين سي او سي جي ٽيم ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ڪورونا وائرس جي وبا سان اسان جي پاڙيسري ملڪن ايران ۽ ڀارت جي معيشت بري ??رح متاثر ٿي. عالمي ??دارا به اعتراف ڪري ??هيا آهن ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا دوران معيشت ۽ زندگين کي محفوظ بڻايو. هن چيو ته صنعت ۽ روا??گي واپار جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي. درآمدي بل ۾ گهٽتاڻي آڻڻي آهي ۽ مني لانڊرنگ کي روڪڻو آهي ڇو ته مني لانڊرنگ غريب ملڪن جو مسئلو آهي ۽ ان جي ذريعي هر سال هڪ هزار ارب ڊالر غريب ملڪن کان امير ملڪن ڏانهن منتقل ٿيندا آهن. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻي مرحلي ?? ڪاروباري ??طح تي لاڳاپن ۽ زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو. اسان زرعي شعبي ۾ پراڻا طريقا استعمال ڪري ??هيا هئاسين، اسان کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته شهرن جي پکڙجڻ جي ڪري فوڊ سيڪيورٽي، آلودگي، بجلي، پاڻي سميت ٻيا مسئلا پيدا ٿيندا آهن. اسان جا شهر تيزي سان پکِڙي رهيا آهن، گرين ايرياز ختم ٿي رهيا آهن،. اسلام آباد ۽ لاهور جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، چين جي شهري ??رقي تعريف جوڳي آهي، اسان کي ان مان مستفيد ٿيڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چين جي سفير نونگ رونگ چيو ته ان فورم جي قيام تي سڀني کي مبارڪباد ڏيان ٿو. سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. سي پيڪ تحت توانائي، روڊ انفراسٽرڪچر سميت ٻين منصوبن تي ڪم جاري ??هي. سي پيڪ جي ٻي مرحلي ?? صنعت، زراعت ۽ سماجي معاشي تعاون کي به شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ واپار جي ماپي ۾ اضافو ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي 75 سال ٿي ويا آهن. ان فورم جي قيام سان ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن کي پاڻ ۾ رابطي جو موقعو ملندو. ان کان اڳ سي پيڪ منصوبن بابت دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.