اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ جديد تحقيق ۽ آن لائين تعليم جي طريقيڪار کي فروغ ??يڻ ج?? لاءِ تعليم جي شع??ي ۾ انقلابي تبديلي ک?? لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته جديد دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز خاص طور تي مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا ايناليٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، روبونڪس ۽ آٽو ميشن جي ميدان ۾ قوم کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) انجنيئر جاويد محمود بخاري صدر کي سائنس ۽ انجنيئرنگ جي معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته نسٽ پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون بين المضامين تحقيقي مرڪز قائم ڪيو آهي ته جيئن محققين جي ايندڙ نسل کي ان جي مهارت سان ليس ڪر?? سگهجي ۽ نئين معلومات ۽ ٽيڪنالاجيز تخليق ڪر?? سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته نسٽ هڪ گهڻ شع??ا يونيورسٽي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ مختلف شع??ن جهڙوڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز ۽ آر??س، ڊيزائن ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ تعليم فراهم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي پنهنجي ٻن پروگرامن ايم ايس انجنيئرنگ مئنيجمينٽ ۽ ايم ايس پيس اينڊ ڪانفليڪٽ اسٽڊيز آن لائين تعليم ذريعي پيش ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا اينالٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، فنانس، مئنيجمينٽ ۽ مارڪيٽنگ ۾ فليگ شپ ڪورسز ۽ تربيت فراهم ڪري ملڪ جي پيشيواراڻي ضرورتن کي پورو ڪري رهي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته مارڪيٽ جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪرڻ ج?? لاءِ گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافي ج?? لاءِ آن لائين تعليم جي طريقيڪار کي فروغ ??يڻ ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ لازمي آهي. هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي خاص طور تي آءِ ٽي جي شع??ي ۾ شاگردن جي مهارت کي فروغ ??يڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي روانگي واپار کي به وڌائ?? سگهجي. هن نسٽ ۾ نيشنل سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ هائي ٽيڪ ڪمپنين پاران غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ سان گڏوگڏ جدت کي فروغ ??يڻ ج?? لاءِ اهڙي قسم جي منصوبن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آءِ ٽي ۽ انجنيئرنگ جي مختلف شع??ن ۾ سائنس جي تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ ج?? لاءِ يونيورسٽي جي انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيو.