اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون ڪئي، پشاور ۾ مسجد تي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جاني?? جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ يوڪري?? جي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ي??رپي ڪائونسل جي صدر سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان يوڪري?? جي تازي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندي جاري فوجي تڪرار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وڌيڪ ڇڪتاڻ خطي ۽ دنيا تي انتهائي منفي اثر ڇڏيندي. وزيراعظم چيو ته هو اسرندڙ ملڪن تي تڪرار?? جي منفي، معاشي اثرن کي مسلسل اجاگر ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو اهو اصولي موقف آهي ته هو رڳو امن جو حصيدار هوندو. وزيراعظم جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ يوڪرين ۾ شهري?? جي لاءِ انساني امداد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا روس ۽ يوڪرين سان دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ان جو ٻنهي ڌرين سان ويجهو رابطو رهيو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ انهن ڪوششن ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿ?? ۽ ??هو ته ٻئي ڌريون گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ ج?? لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکنديون. پاڪستا?? جي يورپي يونين سان لاڳاپ?? جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته هو يورپي يوني?? جي قيادت سان ملاقات لاءِ پنهنجي برسلز جي دوري جو منتظر آهي. هن صدر چارلس مشيل کي پاڪستا?? جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.